اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اهميت ۽ ڪاميابي جي لاءِ 6 نقاطي پروگرام جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ??ه ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، عالمي وبا جي تدارڪ جي لاءِ ??المي مالياتي ادارن ۽ جي – 20 ملڪن کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پوري دنيا جي معيشت سستي جو شڪار آهي، اظهار راءِ ??ي آزادي جي آر ۾ ڪنهن به مذهب جي توهين برداشت جوڳي نه آهي، ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ??مورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن کي عالمي حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ??نجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.