اسلام آباد – 18 س??پٽمبر (اي پ?? پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي تاپي گئس پائيپ ??ائ??ن منصوبي جي جلد تڪميل تي زور ڏيندي چيو آهي ته منصوبو پاڪست??ن ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪمانستان جي صدر قربان علي محدوف سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار ۽ معيشت ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي اڳواڻن پاڪ – ترڪمانستان ٻه طرفي لاڳاپا، تاپي گئس پائيپ ??ائ??ن منصوبي ۽ ٽي اي پ?? پاور ٽرانسميشن ??ائ??ز جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.