اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا جي ڪري پاڪستان سميت ??ڄي دنيا جي صنعت ۽ ڪاروبار متاثر ٿيو آهي پر اسان وبا جي دوران سپلائي چين کي بحال رکيو ته جيئن مارڪيٽ ۾ ڪنهن قسم جي کوٽ نه ٿئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪا??فر??س ڪندي حماد اظهر چيو ته حڪومب وبا جي دوران ڪاروبار، صنعت ۽ تعم??را?? جي شعبن کي بروقت کوليو ۽ ڪاروباري شعبي کي رليف ڏنو ويو جنهن تحٽ 30 کان 35 لک ايس ايم ايز جي بجلي ج ابل معاف ڪيا ويا جنهن سان ملڪ جا اڪثر ڪاروبار مستفيد ٿيا آهن، هلندڙ مالي سال لاءِ حڪومت نه رڳو ٽيڪس فري بجيٽ ڏنو آهي پر پهرين کان موجود ٽيڪسن جي شرح کي به گهٽ ڪيو ويو آهي، هزاري?? مصنوعات تي ڪسٽم ڊيوٽيز ختم ۽ سيلز ٽيڪس سميت ٻين ٽيڪسز ۾ به مراعتون ڏنيون ويون آهن، وفاقي حڪومت تعم??را?? جي شعبي لاءِ پيڪيج متعارف ڪرايو آهي جنهن سان نه رڳو تعم??را?? جو شعبو پر ذيلي صنعتن ۾ به بهتري ٿي آهي ۽ مون سون کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، هن چيو ته حڪومت گذريل ٻن سالن جي دوران ٻه نيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز ۽ موبائيل مينوفيڪچرنگ جون پاليسيون شامل آهن.