اسلام آباد-03 جنوري (اي پي ??ي) موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ آغا خان فائونڊيشن وچ ۾ موسمياتي ??سئلن کي منهن ڏيڻ جو معاهدو طئي ٿي ??يو آهي، معاهدي تي ??وسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي ۽ آغا خان فائونڊيشن جي قومي ڪميٽي جي چيئرمين امين فراست صحيحون ڪيون. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو ته پاڪستان جي موسمياتي ۽ ترقياتي ??دفن کي حاصل ڪرڻ ۾ حصيداري جو اهم ڪردار آهي، هن چيو ته معاهدي جو مقصد پاڪستان جي ٻهراڙي ۽ سامونڊي علائقن ۾ معاشي تحفظ ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته ان حصيداري ذريعي موسمياتي ??دمن کي وڌيڪ اڳتي ??ڌايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جا سامونڊي ۽ جابلو ??لائقا شديد موسمي اثرن جو شڪار آهن، انهن مسئلن ۾ گليشيئر جو پگهرجڻ، سامونڊي سطح ۾ اضافو، زرعي مسئلن ۽ پاڻي جي کوٽ شامل آهن. هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي علائقي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ٻهراڙي جا علائقا به موسمياتي اثرن جو شڪار آهن.