اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 11 کان 12 جنوري ت??ئين پ??ڪستان جي ميزباني ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي ت??ليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي تياري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، پرڏي??ي وزارت جي سيڪريٽري، اطلا??ات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، پرڏي??ي وزارت ۽ وفاقي ت??ليم ۽ پيشيواراڻي ت??بيت واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملد??رن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو جنهن ۾ هڪ ٺوس ايجنڊا پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ ڇوڪرين جي ت??ليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن، ڇوڪرين جي ت??ليم جي سماجي ۽ معاشي فائدن ۽ تعليمي برابري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جديد طريقي تي ڳالهه ٻولهه پڻ شامل آهي.