اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وف??قي ڪا??ين?? قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ٺٽو جي رجسٽريشن/سڃاڻپ، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن (ري آرگنائيزيشن) ايڪٽ جي سيڪشن 3 (7) ۾ ترميم تي قانونسازي، انفارميشن گروپ جي آفيسرن جي پريس آفيسرز مقرري جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن، زندگي بچائيندڙ ميڊيڪل اوزارن جي قيمتن جي تعين جي لا??ِ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وف??قي ڪا??ين?? جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وف??قي ڪا??ين?? کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جي گڏيل قو??ن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور ٻن سالن جي مدي جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي. وف??قي ڪا??ين?? سفارتي محاذ تي ان وڏي ڪاميابي کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته گوادر بندرگاهه تان گذريل ٽن مهينن ۾ پبلڪ سيڪٽر درآمدات جا تفصيل وف??قي ڪا??ين?? جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيا وڃن. وف??قي ڪا??ين??، ڪا??ين?? ڊويزن/ سيڪريٽريٽ جي سفارش تي پاڪستاني ٽيلي ڪميونيڪشن (ري آرگنائيزيشن) ايڪٽ جي سيڪشن 3 (7) ۾ ترميم تي قانونسازي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وف??قي ڪا??ين?? اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران انفارميشن گروپ جي آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ بطور پريس آفيسرز مقرري جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن جي منظوري جي سفارش ڪري ڇڏي. انهن قاعدن ۽ ضابطن جي نتيجي ۾ انفارميشن گروپ آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ مقرري جي عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل بڻائي سگهبو. وف??قي ڪا??ين?? قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ٺٽو جي رجسٽريشن/سڃاڻپ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وف??قي ڪا??ين?? معزز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هيومن رائيٽس ڪيس نمبر 623- پي / 2017 جي فيصلي جي روشني ۽ قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي زندگي بچائيندڙ ميڊيڪل اوزارن جي قيمتن جي تعين جي لا??ِ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وف??قي ڪا??ين?? قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي نيشنل فوڊ سيفٽي، اينيمل اينڊ پلانٽ هيلٿ اٿارٽي بل کي پارليامينٽ موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وف??قي ڪا??ين?? ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪا??ين?? ڪميٽي جي 17 ڊسمبر 2024ع تي منعقد ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي جڏهن ته سٽيزن شپ ايڪٽ ۾ ترمي??ن جي توثيق ملتوي ڪئي وئي. وف??قي ڪا??ين?? اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 18 ڊسمبر 2024ع تي منعقد ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وف??قي ڪا??ين?? رياستي ملڪيتي اداران بابت ڪا??ين?? ڪميٽي جي 24 ڊسمبر 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.