اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ، انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي ا??ان جي اولين ترجيح آهي، اهي پاڪستان ??ا قابل فخر برابر شهري آهن، پاڪستان ا??ان سڀني جو آهي ۽ ا??ان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي عظيم کان عظيم تر بڻائڻو آهي، تحريڪ پاڪستان ۽ ان کانپوءِ اڄ تائين تعليم، صحت سميت ٻين شعبن ۾ مسيحي برادري جو نمايان ڪردار رهيو آهي. هو وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ڪرسمس جي خصوصي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ??ن موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ خطاب ڪيو ۽ بشپ ڊاڪٽر جوزف اشرف ڪرسمس جو پيغام پڙهي ٻڌايو، مسيحي ٻارن ڪرسمس جا نغما پيش ڪيا. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حضرت عيسيٰ امن جو داعي هو جنهن جو قرآن پاڪ ۾ واضح ذڪر آهي ۽ هو الله جو پيغمبر آهي، اڄ بدقسمتي ??ان حضرت عيسيٰ جي پيدائش واري جڳهه تي معصوم ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ نوجوانن کي بيدرديءَ ??ان قتل ڪيو پيو وڃي، ا??ان کي هن ڏينهن جي مناسبت ??ان پوري دنيا ۾ جتي به عيسائي رهن ٿا گڏجي فلسطين ۾ ان رت جي هوليءَ کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ڪرڻو آهي. هن چيو ته حضرت عيسيٰ امن جو داعي هو، سندس مشن جي فروغ جي لاءِ فلسطين ۾ جنگبندي وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مسيحي برادري امن ۽ سڪون ??ان زندگي گذاري رهي آهي، انهن جون پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ تڪميل پاڪستان ۾ اڄ تائين نمايان خدمتون آهن، تعليم ۽ صحت جي ميدان، سرڪاري ۽ ملڪ جي دفاع جي لاءِ سندن خدمتن، 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ سميت پاڪستان جي لاءِ انهن جو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن ا??ان کي گڏجي امن، ترقي جي سفر کي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪرڻو آهي، فرق جو خاتمو ڪرڻو آهي، پنهنجي پنهنجي جذبن کي ضابطي ۾ رکي برداشت ۽ تحمل کان ڪم وٺڻو آهي، اقليتن جي حقن جو خيال رکڻ جو عزم ڪرڻو آهي، انهن س??ن محبت ۽ شفقت ??ان پيش اچڻو آهي ته جيئن اهي پنهنجو پاڻ کي پاڪستان جو باوقار شهري سمجهن. وزيراعظم چيو ته ا??ان کي گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو حصو وجهڻو آهي، اڄ جي ڏينهن ان پيغام کي هر جڳهه ڦهلائڻ گهرجي ته پاڪستان ا??ان سڀني جو آهي ۽ ا??ان سڀني کي گڏجي قائد جي پاڪستان کي عظيم تر بڻائڻو آهي. هن چيو ته اڄ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو پڻ پيدائش جو ڏهاڙو آهي، ان جي ڪري به ان ڏينهن جي اهميت وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته باباءِ قوم جو اقليتن جي حوالي ??ان اهو بيان ا??ان جي لاءِ مشعل راهه آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ فروغ ا??ان جي اولين ترجيح آهي، اهي پاڪستان جا برابر قابل فخر شهري آهن، انهن جي ڀلائي ۽ ترقي ا??ان جي ايجنڊا جو بنيادي نقطو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي يقين ڏياريو ته توهان جو تحفظ ڀلائي، خوشحالي ۽ ترقي ا??ان جي ذميواري آهي ۽ ا??ان اها ذميواري ڀرپور طريقي ??ان ادا ڪندا رهنداسين. هن ??ن موقعي تي ڪرسمس نغمو پيش ڪندڙ ٻارن کي ساراهيو. ??ن موقعي تي وزيراعظم شرڪت ڪندڙن ??ان گڏجي ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ۽ ڪرسمس نغمو پيش ڪندڙ ٻارن ??ان گڏ گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو.