اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم ج?? اظهار ڪندي چيو آهي ته والدين پوليو خلاف مهم ۾ ورڪرن سان تعاون يقيني بڻائين ته جيئن ا??هن جي ٻارن جو مستقبل محفوظ ٿئ?? ۽ ??هي توانا ٿي ملڪ جي روشن مستقبل ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. پوليو جي خاتمي واري مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان سان پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ حصيداري تي بل گيٽس فائونڊيشن، صحت واري عالمي ادار?? ۽ ??عودي عرب سميت عالمي ادارن جا ٿورائتا آ??يون، پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي ڀرپور معاونت ڪرڻ تي سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو پڻ شڪريو ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته ڊاڪٽر مختار ڀرٿ ۽ عائشه رضا فاروق جي نگراني ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي پوليو جي خاتمي جي هي جنگ اسان کٽنداسين. ماضي ۾ مشڪلاتن سبب پاڪستان ۾ پوليو جا 60 نوان ڪيس سامهون آيا آ??ن جيڪي اسان لاءِ هڪ چئلينج آهن، هي اسان جو عزم آهي ته پوليو جي مرض کي پاڪستان مان ختم ڪري ساهه کڻنداسين. پاڪستان جي والدين کان گذارش ڪريون ٿا ته اهي هن مهم ۾ مڪمل سهڪار ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري کين هن مرض کان هميشه هميشه لاءِ محفوظ ڪن ۽ ڪروڙين ٻارن جي مستقبل کي توانو بڻائين ته جيئن ا??ي پڙهي لکي پاڪستان جا بهترين معمار بڻجن. هن پوليو جي فيلڊ ٽيمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو عزم ۽ بهادري سان پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آ??ن، ا?? سلسلي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪوششون به ساراهه جوڳيون آهن جو اهي اتر وزيرستان سميت، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي علائقن سميت جتي جتي سيڪيورٽي جا مسئلا درپيش آهن اتي هو ڀرپور مدد فراهم ڪري رهيا آ??ن، صوبائي حڪومتن جا به ٿورائتا آ??يون جو اهي هن عظيم مقصد لاءِ پوري طرح گڏ آهن ۽ وفاق سان گڏجي پوليو جو خاتمو ڪرڻ ۾ پنهنجون سموريون توانايون خرچ ڪري رهيا آ??ن. هن چيو ته اسان دعاڳو آهيون ته الله پاڪ اسان کي همت ڏ?? ۽ ??سان جي فرض شناسي ۾ واڌ ڪري ته جيئن اسان هن ڀيري ملڪ مان پوليو جو هميشه لاءِ خاتمو ڪري ساهه پٽيون. وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر مختار ڀرٿ چيو ته ملڪ ۾ پوليو جي هي سال جي آخري مهم آهي جنهن ۾ 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز اڄ کان 19 ڊسمبر تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ واٽر ۽ سينيٽيشن، نيوٽريشن تي پنهنجي پارٽنرز ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي جامع حڪمت عملي بڻائي پئي وڃي، ا?? سان به پوليو جو خاتمو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.