اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران منظور ڪيل قرارداد جي آجيان ڪئي آ??ي جنهن ۾ اسرائيلي قابض عملدارن کان فل??طي??ي علائقن مان انخلا ۽ فل??طي??ي رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته غزه ۾ نسل ڪشيءَ ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فوڊ پوائنٽس، اسپتالن ۽ پناهگيرن جي پناهگاهن سميت شهرين کي انڌاڌنڌ قتل ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته ان انساني صورتحال تي فوري طور تي عالمي ڌيان جي ضرورت آهي. شام جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته جاري صورتحال خطي کي وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ڪندي ۽ دهشتگرد تنظيمن جي حوصلا افزائي ڪندي. ه?? شام ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ تي زور ڏنو ۽ صورتحال جي بهتري ۽ شام جي اتحاد، خودمختياري ۽ علائقائي وحدت کي برقرار رکڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڏنو.