اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ- ترڪيه ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه ۾ 3 پاڪ??تا??ي قيدين جي وطن واپسيءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته ترڪيه سان تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن، پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه گهري مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن ??اضح ڪيو ته پاڪ- ترڪيه ناتا جٽادار ڀائيواري ۾ بدلجي رهيا آهن. گهرو وزير ترڪيه جي هم منصب کي پاڪ??تا?? جي دؤري جي دعوت ڏني. ترڪيه جي گهرو وزير چيو ته پاڪ??تا?? ڀائر ملڪ آهي، جلد اسلام آباد جو دؤرو ڪندس. ترڪيه جي گهرو وزير پاڪ??تا??ي قيدين جي وطن واپسيءَ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ان سلسلي ۾ ماهرن جو وفد ترڪيه اُماڻيندو. گهرو وزير 23 آڪٽوبر تي انقره ۾ دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، دهشتگرديءَ جو خاتمو هن ??قت هڪ عالمي چئلينج آهي. هن ??ن ڳالهه تي زور ڀريو ته پوري دنيا کي ان ناسور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع ق??م ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. گهرو وزير ساها انٽرنيشنل ايڪسپو تي بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي ترڪيه جي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.