گلگت – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان گلگت ب??تستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ گلگت ب??تستان جي وڏي وزير گلبر خان جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گلگت ب??تستان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گلگت ب??تستان جي وڏي وزير ۽ گورنر وزيراعظم کي ملڪ ۾ تا??ي معاشي استحڪام تي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گلگت ب??تستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جي پٿر ۽ افتتاح تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ئي ته گلگت ب??تستان جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ انهن ترقياتي منصوبن جي جلد کان جلد تڪميل يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت گلگت ب??تستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ سرگرم عمل آهي. وزيراعظم کي گلگت ب??تستان جي وڏي وزير روايتي چوغي ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو.