غذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ غذر جي بوبر ماڊل وليج ۾ س??وريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گلگ?? بلتستان جي ضلعي غذر جي ڳوٺ بوبر ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيندڙ بستيءَ جي جڳهه نئين ماڊل وليج جي افتتاح ۽ متاثرين کي نئ??ن تعمير ٿيل گهرن جا ملڪيتي ڪاغذ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو آگسٽ 2022ع ۾ هتي آيو هو جتي هر طرف ٻوڏ کانپوءِ تباهي جا منظر هئا. موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ برساتن پوري ڳوٺ کي زمين بوس ڪري ڇ??يو هو. اڄ هتي نئين بستي تعمير ڪئي وئي آهي. متاثر خاندانن کي انهن جي گهرن جا ملڪيتي ڪاغذ ڏنا ويا آهن. وزيراعظم متاثرين جي بحالي، آبادڪاري ۽ نئين سر تعمير تي لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي شاباس ڏني ۽ هدايت ڪئي ته نئ??ن تعمير ٿيل گهرن کي سرديءَ جي موسم ۾ رهڻ جي قابل بڻائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. ماڊل وليج جي معيار کي جانچڻ جي لاءِ ڪنهن ٽئين ڌر کان توثيق ڪرائڻ کانسواءِ ادائيگيون نه ڪيون وڃن ۽ اسڪول، ڊسپينسري ۽ راند جي ميدان سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم ڊسپينسري ۾ الٽراسائونڊ، ايڪسري ۽ ويم سميت سموريون ضروري سهولتون فوري فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻڌايو ته هن ٻوڏ متاثر ٻارڙي قنديل جي لاءِ 50 لک رپين جي انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو هو، اڄ اهو فنڊ 67 لک تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم متاثرين کي انهن جي گهرن جا الاٽمينٽ ليٽرز ورهايا. ان کان اڳ وزيراعظم بوبر ماڊل وليج جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي نئ??ن تعمير ٿيل گهرن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ معيار بابت بريفنگ ڏني وئي. اهو ماڊل وليج 110 ڪينال زم??ن تي تعمير ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 62 گهر آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 216 ڪلوميٽر گلگت شندور رستو پڻ تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم ان منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ گلگ?? بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان مشڪل ۽ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ گلگ?? بلتستان جي عوام جي مدد ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وفاقي وزير ۽ اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا.