اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لن???? ۾ ??ڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏيءَ تي حملي جي افسوسناڪ واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ نادرا کي حملو ڪندڙن جي سُڃاڻپ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير نادرا کي هدايت ڏني ته فوٽيجز ذريعي حملو ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي. حملي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پاڪستا?? ۾ ??يف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. گهرو وزير چيو ته حملو ڪندڙن جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ۽ پاسپورٽ رد ??يو ويندو، جن حملو ??يو آهي انهن جي شهريت ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته شهريت ختم ڪرڻ جو ڪيس منظوريءَ لاءِ ڪابينه ڏانهن موڪليو ويندو. هن واضح ??يو ته ڪنهن کي به اهڙيءَ طرح جي حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. لن??ن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ڪار تي حملو ٿيو آهي، اسان ان واقعي تي خاموش نٿا ويهي سگهون. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڳوڻي چيف جسٽس کي ڌمڪيون ملي رهيون هيون ته ان کي سيڪيورٽي ڇو نه فراهم ڪئي وئي.