اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت و??اق?? وزير انجنيئر امير ??قام چيو آهي ته ڪشمير ??اڪستانين جي دلين ۾ رهي ٿو، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واضح پيغام ڏنو ويندو. جاري ڪيل بيان مُوجب انجنيئر امير ??قام جي صدارت هيٺ 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي س??ن جائزه اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي انجنيئر امير ??قام چيو ته ڪشمير ??اڪستانين جي دلين ۾ رهي ٿو، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واضح پيغام ڏنو ويندو. و??اق?? وزير چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير تي ڏاڍ طور قبضو ڪري رکيو آهي جنهن کي ڪشميري عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، والاريل ڄمون ڪشمير جي معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي پُختي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جو آواز سڄي دنيا تائين پهچايو ويندو ۽ پاڪستاني قوم ڪشمير ??سئلي جي منصفاڻي حل تائين سُک سان نه ويهندي. اهو اس??ن جو قومي فرض آهي ۽ ڪشمير ??سئلو زندهه آهي ۽ آزاديءَ تائين اس??ن جي دلين ۾ زندهه رهندو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. و??اق?? وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومتن جي نمائندن و??اق?? وزير کي ڪاري ڏينهن جي تياري بابت بريفنگ ڏني.