اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين سيڪيورٽي، تعليم، زراعت، انساني وسيلن جي ترقي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪندي طئي ٿيل 13 مفاهمت جي يادداشتن ?? دستياويزن جي مٽاسٽا ڪئ?? آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني وزيراعظم لي چيانگ جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ ايم او يوز، معاهدن ۽ دستياويزن جي مٽاسٽا ڪئ?? وئي. ٻئي وزيراعظم پنهنجي پنهنجي وفدن سان گڏ ان موقعي تي موجود هئا. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي واپار واري وزير وانگ وينتائو س??ارٽ ڪلاس رومز پراجيڪٽ جي حوالگي بابت مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا ڪئ??. سي پيڪ گڏيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (جي سي سي) جي 13 هين اجلاس جي منٽس بابت مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چين جي نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي وائيس چيئرمين ليو س??شو ڪئ??. سي پيڪ تحت گوادر تي گڏيل ورڪنگ گروپ جي ستين اجلاس جي منٽس بابت مفاهمت جي يادداشت جي مٽاسٽا منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چين جي نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي وائيس چيئرمين ليو س??شو ڪئ??. سي پيڪ روزگار جي فروغ جي لاءِ تعاون جي مفاهمت جي يادداشت جي مٽاسٽا منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چين جي نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي وائيس چيئرمين ليو س??شو ڪئ??. اطلاعات ۽ مواصلات جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئ??. پاڻي جي ٺڪاڻن جو تحفظ، فلڊ ڪنٽرول ۽ آفتن ?? گهٽتائي بابت گڏيل تعاون جي ٺاهه جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئ??. سلامتي جي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئ??. جي ڊي آءِ تحت انساني وسيلن جي ترقي تي ليٽر آف ايڪسچينج جي مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئ??. اسلام آباد ۾ باهه وسائيندڙ گاڏين بابت سهڪاري پروگرام جي ليٽر آف ايڪسچينج جي مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئ??. چين کي گڏهن جي برآمد بابت قرنطينه گهرجن بابت پروٽوڪول جي دستاويز جي مٽاسٽا غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ڪئ??. گ??يل ليبارٽرين جي گڏيل معاونت بابت مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ساجد بلوچ ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ڪئ??. گ??يل ٽي وي پروگرامن جي تياري بابت مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ڪئ??. ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ پيپلز بئنڪ آف چائنا جي وچ ۾ ڪرنسي جي مٽاسٽا جي معاهدي جو پڻ اعلان ڪيو ويو.