اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي ??فير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏي?? دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي ??هميت تي زور ڏنو. هن سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم مختلف عالمي پليٽ فارمز تي پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي ??ڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. سعودي عرب جي ??فير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ ملڪ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو.