نيوي??رڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پ??ڪس??ان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊيرليين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم گڏيل هدفن کي اڳتي وڌ??ئڻ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ارسلا وان کي يورپي ڪميشن جي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪبا?? ڏني ۽ يورپي يونين جي مفادن کي اڳتي وڌ??ئڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. جي ايس پي پلس اسڪيم تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ۽ يورپي ڪميشن جي صدر جي وچ ۾ اها ملاقات عالمي معاملن تي گڏيل مفادن ۽ تعاون تي فعال رابطن ۽ تعاون جي عڪاسي ڪري ٿي.