نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو، وزيراعظم ۽ تر?? صدر علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد ??هباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي تر?? صدر سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هباز شريف تر?? صدر رجب طيب اردوان سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل طور تي مفيد تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان – ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس جي تيارين جو جائزو پڻ ورتو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم محمد ??هباز شريف غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران صدر اردوان وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي معاشي پاليسين کي ساراهيو جن سان پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي. تر?? صدر وزيراعظم جي قيادت ۽ اقتصادي سڌارن جي عزم کي ساراهيو. وڌيڪ اهو ته صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم محمد ??هباز شريف کي سالگرهه جي مبارڪباد پڻ ڏني.