اسلام آباد-19 سيپٽمبر (ا?? پي پي) بچاءَ ۽ دفاع?? پيداوار ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان مصر جي سفير ايهاب عبدالحميد ۽ زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپ??ءَ جا معاملا ۽ ٻه طرفي سهڪار وارا معاملا بحث هيٺ آيا. مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن اسلام آباد ۾ بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ٻه طرفه لاڳاپا خوشگوار ۽ گڏيل اعتماد تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ان جي استحڪام ۽ ترقي وچ اوڀر جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. بچاءَ واري وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان غزه تي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ فلسطين ۾ پنهنجن ڀائرن سان مڪمل يڪجهت??ءَ جو اظهار ڪري ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاع?? پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ وڌڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. معزز مهمان نيڪ تمنائن لاءِ وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ بچاءَ سميت گڏيل دلچسپ??ءَ جي سمورن معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم ک??ن آگاهه ڪيو. زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو به بچاءَ واري وزير سان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وزير پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ جدوجهد جي گڏيل تاريخ تي ٻَڌل ٻه طرفا لاڳاپا آهن. هن زمبابوي سان سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفي سهڪار جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپ??ءَ جي شعبن ۾ ان کي اڳيان و??ائ?? جي عزم جو اظهار ڪيو.