اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران دولت مشترڪه ۽ ان جي چارٽر تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سموئه ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس سان دولت مشترڪه جي ميمبر ??لڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن خاص طور تي پائيدار ترقي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ دولت مشترڪه جي نوجوانن جي ترقي جي لاءِ تعاون کي هٿي ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اها ??ال??ه برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئ??ن سان ٽيليفون تي ??ال??ه ٻولهه دوران چئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان برطانيا جي شاهه چارلس ٽئ??ن ٽيليفون تي رابطو ڪيو. شاهه چارلس ٽئ??ن وزيراعظم کي آڪٽوبر ۾ سموئه ۾ منعقد ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس (سي ايڇ او جي ايم) ۾ شرڪت جي باقاعده دعوت ڏني. دعوت کي قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته سموئه ۾ دولت مشترڪه جي ميمبر ??لڪن جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جو انعقاد دولت مشترڪه جي تاريخ جو هڪ اهم اجلاس هوندو ڇو ته شاهه چارلس جي بادشاهت سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون دولت مشترڪه جو اجلاس هوندو جنهن جي هو پاڻ صدارت ڪندو. وزيراعظم پاڪستان جي دولت مشترڪه ۽ ان جي چارٽر تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته سموئه ۾ دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن خاص طور تي پائيدار ترقي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ دولت مشترڪه جي نوجوانن جي ترقي جي لاءِ تعاون کي هٿي ملندي. شاهه چارلس ٽئ??ن جي ماحولياتي معاملن ۾ خصوصي دلچسپي ۽ موسمياتي پائيداري جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سموئه ۾ دولت مشترڪه جي قائدين سان موسمياتي تبديلي جي ح??الي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئ??ن جي صحت بابت معلومات ڪيو. وزيراعظم پرنسس آف ويلز جو علاج مڪمل ٿيڻ تي ان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شاهه چارلس ٽئ??ن جي پاڪستان جي گذريل دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته بادشاهه ۽ ملڪه جلد پاڪستان جو دورو ڪندا.