لاهور -11 سيپٽمبر (اي پ?? پي) لاهور سميت س??ي پنجاب ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. پي ڊي ايم اي پ??جاب جي ترجمان مطابق ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.7 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ڊيره غازي خان شادي والا جڏهن ته اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي. س??ي پنجاب جي انتظاميه عمارتن جي چيڪنگ ۾ مصروف آهي. زلزلي جي آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملي کي الرٽ رکيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو آهي، ته صوبائي ڪنٽرول روم سميت س??ي پنجاب جي ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽرز به الرٽ آهن. زلزلي جي نقصانن جا اطلاع پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائين نمبر 1129 تي ڏئي سگهجن ٿا.