اسلام آباد -31 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ دي ڊپلوميٽ رسالي ۾ چين جي اعليٰ سطحي وفد جو دورو ??اڪ??تان جي حوالي سان شايع ٿيل آرٽيڪل کي غلط، بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي، ته رسالي پنهنجي آرٽيڪل ۾ ??اڪ??تان جي پراڻي دوست چين سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ دي ڊپلوميٽ رسالي جي شايع ٿيل آرٽيڪل تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته ??اڪ??تان جي پرڏيهي پاليسي تي اهڙي طرح جا حملا ڪامياب نه ٿيندا. آرٽيڪل ۾ ڏنل تاثر بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهي جيڪو ??اڪ??تان جي عوام جي جذبن جي عڪاسي نٿو ڪري. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وزارت ??ي فيڪٽ چيڪر به دي ڊپلوميٽ رسالي ۾ چين جي اعليٰ سطحي وفد جي ??اڪ??تان جي دوري جي حوالي سان شايع ٿيل آرٽيڪل کي گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد قرار ڏنو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته آرٽيڪل ڪوڙ ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري لکيو ويو آهي. پرڏيهي شخصيتن جو دورو پورو سال جاري رهي ٿو، ڄاڻايل آرٽيڪل ۾ چين جي اعليٰ سطحي وفد جو دورو ۽ دهشتگردي جي واقعن و?? ۾ ??مراهي پکيڙيندڙ ربط پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هي آرٽيڪل گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد آهي.