اسلام آباد -24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اي پر??ڪيورمينٽ منصوبي کي هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته پر??ڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃ??، ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پر??س رليز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرانڪ پر??ڪيورمينٽ، اي- پاڪ ايڪيوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت سمورن خريدارن جي حوالي سان شفاف طريقو لاڳو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم پر??ڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بنائڻ لاءِ ان جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪندي چيو ته پر??ڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي پر??ڪيورنگ ايجنسي جي ماتحت نه هئڻ گهرجي، ان حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم 2 بلين روپين کان وڌيڪ جي سمورن ترقياتي منصوبن کي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائڻجي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اي-پروڪيورمينٽ تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪم جي معيار ۽ ان پراسس جي مڪمل نه هئڻ تي به ناراضگي جو اظهار ڪندي هڪ مهيني ۾ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي پر??ڪيورمينٽ جو منصوبو پبلڪ پر??ڪيورمينٽ ريگيوليٽري ورلڊ بيئنڪ جي فنڊنگ سان 2017ع ۾ شروع ڪيو، اي پر??ڪيورمينٽ جي منصوبي جي مڪمل لاڳت 45 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. وفاقي حڪومت جي 37 وزارتن ۽ 301 پر??ڪيورنگ ايجنسين ۾ اي پر??ڪيورمينٽ لاڳو ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي پي آر اي طرفان پر??ڪيورنگ ايجنسين جي 8988 آفيشلز کي اي پر??ڪيورمينٽ جي تربيت ڏني وئي آهي، وفاقي حڪومت جو اي پر??ڪيورمينٽ جي حوالي سان ڳاڻيٽو تقريبن 1551 بلين روپيا آهي، اي پر??ڪيورمينٽ جي حوالي سان پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڄمن ڪشمير جي حڪومتن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ٿي چڪيون آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيمه، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.