اسلام آباد – 23 ?? آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال تي بنگلاديش جي چيف ايڊو??ئي??ر ڊاڪٽر محمد يونس کي خط ۾ پ??ڪستان پاران مدد جي آڇ ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته بنگلاديش ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ واري صورتحال تي دلي ڏک آهي، هِن ڏُک واري گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون همدرديون بنگلاديشي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ بنگلاديش ۽ بنگلاديشي شهرين جن جا پيارا ٻوڏ ۾ وڇڙي ويا، گهر ۽ روزگار تباهه ٿيا، سان گڏ بي??ل آهيون، بنگلاديشي عوام مشڪلاتن ۾ پنهنجي حوصلي ۽ همت جي لاءِ سڃاڻي وڃي ٿي. وز??راعظم چيو ته پراميد آهيان ته بنگلاديش توهان جي قيادت ۾ هن مشڪل مان جلد نڪري ايندو، پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ هر طرح سان بنگلاديش جي مدد جي لاءِ تيار آهي.