اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي ??ان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي ??ان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان ميٽا جي 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ميٽا جي ايشيا پيسفڪ بابت نائب صدر سائمن ملنر ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد ??ان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جي فروغ جي حوالي ??ان رڪارڊ بجيٽ رکي وئي آهي. ه?? چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي ??ان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي ??ان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ميٽا جي وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ايشيا پيسفڪ ۾ پنهنجي سروسز بابت آگاهه ڪيو. وفد بريفنگ دوران ٻڌايو ته ميٽا مصنوعي ذهانت جي حوالي ??ان ريجن ۾ پهريون مقابلو پاڪستان ۾ منعقد ڪرايو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن جي ترقي ۽ ترويج جي حوالي ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، تانيه ايدرس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.