اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ مخصوص س??ٽن بابت درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ مخصوص س??ٽن جي حقدار آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چي?? جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص س??ٽن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن ۾ چي?? جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس اظهر حسن رضوي، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين شامل هئا. چي?? جسٽس چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو 5 جي ڀيٽ ۾ 8 جي اڪثريت جو آهي. فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلو ٻڌائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص س??ٽن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين جي خلاف آهي. چونڊ نشان نه ملڻ ڪنهن سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي قانوني ۽ آئيني حق کي متاثر نٿي ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي. سپريم ڪورٽ عورتن ۽ اق??يت?? جون مخصوص س??ٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ مخصوص س??ٽن کي حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي. پي ٽي آءِ ان فيصلي جي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي اميدوارن جي نالن جي فهرست فراهم ڪري، سپريم ڪورٽ جو فيصلو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تي لاڳو هوندو.