شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ چين جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي چيني ڪمپني ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فري?? ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، چيئرمين هواوي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته وز??را??ظم هواوي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هواوي جي هيڊڪوارٽر اچڻ تي هواوي جي چيئرمين لي??نگ هوا وز??را??ظم شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو. هواوي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي پاڪستاني ملي نغما وڄايا ويا. وز??را??ظم هواوي هيڊڪوارٽر ۾ ايگزيبيشن سينٽر جو دورو ڪيو. چيئرمين هواوي وز??را??ظم کي هواوي جي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ آپريشنز بابت آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم هواوي جي آپريشنز جي جدت کي ساراهيو ۽ هواوي کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ترغيب ڏني. نمائشي مرڪز ۾ وز??را??ظم کي مختلف شعبن خاص طور تي اي گورننس، ڊيجيٽل بئنڪنگ، ٽيلي ڪميونيڪشن، مصنوعي ذهانت جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وز??را??ظم هواوي جي تعاون سان پاڪستان ۾ ٺهندڙ سيف سٽي منصوبن کي ساراهيو. بعد ۾ وز??را??ظم ۽ پاڪستاني وفد جي چيئرمين هواوي سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وز??را??ظم هواوي جي چيئرمين کي حڪومت جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وز??را??ظم هواوي کي پاڪستان جي مختلف شهرن خاص طور تي اهڙا شهر جن ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري آهي انهن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. وز??را??ظم چيو ته حڪومت سرڪاري آفيسن کي ترجيحي بنيادن تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي نظام، اي گورننس، مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ هواوي جهڙي وڏي ڪمپني جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. وز??را??ظم شهباز شريف هواوي جي چيئرمن کي پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت پڻ ڏني. وز??را??ظم هواوي جي چيئرمين کي جلد پاڪستان جي دوري جي پڻ دعوت ڏني. بعد ۾ وز??را??ظم هواوي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فري?? ورڪ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. فري?? ورڪ ايگريمينٽ تحت هواوي پاڪستان جي 2 لک نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي بشمول مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ مفت تربيت فراهم ڪندو. ان کانسواءِ هواوي پاڪستان ۾ سيف سٽيز قائم ڪرڻ، اي گورننس ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪندو. هواوي جي چيئرمين وز??را??ظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.