مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آزاد ڪ??مير ۾ احتجاجي تحريڪ دوران شرپسند عنصرن پاران صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ جي ڪوششون ناڪام ٿي ويون، معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪيو ويو، آزاد ڪ??مير جي عوام پاڪستان سان والهاڻي محبت ڪري ٿي، پاڪستان ڪشميري عوام جي لاءِ پوري دنيا ۾ آواز اٿاريندو رهندو، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي ج??هن ڪشميري ۽ فلسطيني عوام کي انهن جا حق ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراع??م چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيندڙ واقعا بهتر طريقي سان ٿيا. صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي صدر ۽ اتحادين جو ٿورائتو آهيان، تحريڪ هلائيندڙن پنهنجي جائز معاملن جي لاءِ هڪ جمهوري انداز ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر ان تحريڪ ۾ ڪجهه اهڙا شرپسند عنصر هئا جن جو مقصد هو ته ڪنهن طريقي سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀڃ ڊاهه، انساني جانين جو زيان ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو وڃي. آزاد ڪ??مير جي مضبوط ۽ جاندار قوم پنهنجي مفاد کي بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿي. پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام ڪشميرين جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون. پاڪستان ڪشميري عوام جي لاءِ پوري دنيا ۾ آواز اٿاريندو رهندو. او آءِ سي جي ڪانفرنس ۾ به نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪشميري عوام جي لاءِ ??رپور آواز اٿاريو ۽ جيڪو پڌرنامو جاري ٿيو ان ۾ ڪشمير جو ڀرپور طريقي سان ذڪر ڪيو ويو آهي. ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ مون ڪشمير جي ڳالهه ڀرپور طريقي سان ڪئي ۽ ڪشمير مسئلي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اهي رڳو زباني ڳالهيون نه آهن، اها دلين جي ڳالهه آهي. ڪشميرين جي هر فورم تي اخلاقي ۽ سفارتي امداد جاري رکنداسين. وزيراع??م چيو ته آزاد ڪ??مير ۾ جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪا تحريڪ هلي ان ۾ بدقسمتي سان هڪ پوليس اهلڪار ۽ ڪجهه شهري مارجي ويا ۽ ڀڃ ڊاهه ٿي ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. شهيدن جي گهرڀاتين کي امدادي پئڪيج ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت آزاد ڪ??مير جي لاءِ 23 ارب رپين جو پئڪيج منظور ڪيو. 23 ارب رپيا آزاد ڪ??مير حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي چڪا آهن. اهو ڪو احسان نه آهي اسان جو فرض آهي. ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي. پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام جي هڪ ٻئي سان والهاڻي محبت آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بيگناهه ڪشميرين جو رت وهايو پيو وڃي. ڪشميرين سان جيلن ۾ زيادتي ٿي رهي آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀينرن ڀائرن جون قربانيون رنگ آڻينديون. پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. اهڙي طرح فلسطين ۾ 36 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هزارين ٻار، عورتون ۽ مرد شهادت ماڻي چڪا آهن پر دنيا ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. اسان کي پنهنجي پرامن جدوجهد ۽ اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻي آهي. انشاءَ الله اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڪشميري ۽ فلسطيني عوام کي انهن جا حق ملندا. وزيراع??م چيو ته آزاد ڪ??مير جي ترقي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستان جي دوري تي آهي. ٽيم جي دوري کانپوءِ التوا هيٺ معاملن جو جلد جامع ڳالهه ٻولهه سان حل ڪڍنداسين ته جيئن اڳتي اهڙي طرح جا واقعا نه ٿين. پاڻي جي حوالي سان جيڪي معاملا آهن انهن جو به حل ڪڍيو ويندو. وزيراع??م چيو ته منگلا فيز ٽو جي باقي ڪم کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. اهڙي طرح نيلم جهلم جي حوالي سان معاملن کي پڻ مشاورت سان حل ڪيو ويندو. ان جي لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا پلان تيار ڪيا وڃن ته جيئن آزاد ڪ??مير جي عوام کي ان ڳالهه جو يقين ٿي وڃي ته رڳو ڳالهيون نه عمل به ٿي رهيو آهي. ان جي لاءِ ??ميٽي جوڙي وڃي جيڪا معاملن کي اڳتي وڌائي. آزاد ڪ??مير جي وزيراعظم کي ذاتي طور تي انهن معاملن کي نگراني ڪرڻ گهرجي. ڪفايت شعاري جي لاءِ آزاد ڪ??مير جي حڪومت جي قدمن کي ساراهيون ٿا. اڄ اسان جو ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي، جيڪڏهن قرضن مان جان ڇڏرائڻي آهي ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. وزيراع??م چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان ۽ آزاد ڪ??مير جي معدنيات جا بي شمار خزانا آهن پر بدقسمتي سان 76 سالن ۾ اسان انهن مان فائدو نه کڻي سگهياسين، هاڻي اسان کي ان حوالي سان عملي قدم کڻڻا پوندا. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ آزاد ڪ??مير جو وزيراع??م چوڌري انوارالحق به موجود هئا. ان موقعي تي آزاد ڪ??مير ۾ احتجاجي تحريڪ دوران فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.