اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفي سياسي لاڳاپن، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، فيڪ نيوز، حڪومت جي معاشي قدمن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پراڻو رشتو قائم آهي، جاپان پاڪستان جو اهم ترقياتي حصيدار آهي، مشڪل وقت ۾ جاپان جو تعاون پاڪستان جي عوام جي لاءِ سدائين قابل قدر رهيو. هن چيو ته جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير جاپان جي سفير کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آ??اهه ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بي آر ۾ سڌارن سميت ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ان کانسواءِ نجي شعبي کي ڪاروبار ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي و??ير چيو ته م??جوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ فيڪ نيوز جي تدارڪ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان معاملا پڻ غور هيٺ آيا. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پوري دنيا کي فيڪ نيوز جو وڏو چئلينج درپيش آهي، ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي جاپان جي سفير پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي ڪاروباري طبقي جي سهولت لاءِ قدم پاڪستان کي جاپاني سيڙپڪارن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش منزل بڻائيندا.