اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر بندرگاهه کي مڪمل فعال ڪرڻ ج?? لاءِ ملڪي روانگي واپار خاص طور تي حڪومت پاران درآمد ڪئي ويندڙ شين جو هڪ خاص تناسب گوادر بندرگاهه تان درآمد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سي ??يڪ ٽو تي ڪم ۾ وزارتن ۽ سرڪاري ادارن پاران ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي، چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۽ چيني سيڙپڪاري تحت ٻين منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾و فاقي وزيرن احسن اقبال، محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، قيصر احمد شي??، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي سي ??يڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد تي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ملڪي روانگي واپار خاص طور تي حڪومت پاران درآمد ڪئي ويندڙ شين جو هڪ خاص تناسب گوادر بندرگاهه تان درآمد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سي ??يڪ ٽو تي تيزي سان عملدرآمد ج?? لاءِ سمورين وزارتن کي پاڻ ۾ رابطا ٺوس بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سي ??يڪ ٽو تي ڪم ۾ وزارتن ۽ سرڪاري ادارن پاران ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي. چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چين سان واپاري ۽ اقتصاد?? لاڳاپن جو وڌيڪ فروغ خ??ش آئنده آهي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، لاڳاپيل آفيسر ۽ ادارا يقيني بڻائين ته ٻنهي ملڪن ج?? لاءِ ان سان مثبت نتيجا نڪرن.