اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪستان خوش قسمت آهي جنهن کي س??ودي عرب جهڙو خيرخواهه دوست ميسر آهي، اميد آهي ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ سعودي وفد سان پاڪستاني ڪاروبا??ي شخصيتن جون ملاقاتو?? لاڀائتيُون ثابت ٿينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي س??ن اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير شزه فاطمه، خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايس آءِ ايف سي جي قومي ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي وزيراعظم جي س??ودي عرب جي دوري بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ سعودي عرب جي ڪاروباري وفد جي اسلام آباد اچڻ ۽ متوقع شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي س??ن آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي س??ودي عرب جي تازي دوري جي حوالي س??ن آگاهه ڪيو. اجلاس کي س??ودي عرب پاران ڪاروبا??ي شخصيتن جي اعليٰ سطحي وفد جي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان جي دوري بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي قيادت پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدمن تي مون سميت پوري قوم سعودي قيادت جي ٿورائتي آهي. سعودي عرب جي دوري جي بهترين تياري جي لاءِ سمور?? لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سعودي قيادت پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي، جيڪا خوش آئنده آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سعودي وفد جي بهترين مهمان نوازي ڪئي وڃي. هن چيو ته اميد آهي س??ودي وفد سان پاڪستاني ڪاروبا??ي شخصيتن جون ملاقاتو?? لاڀائتيُون ثابت ٿينديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آه??. پ??ڪستان خوشقسمت آهي جنهن کي س??ودي عرب جهڙو خيرخواهه دوست ميسر آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي فرمانروا سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا.