اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي پاليسي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي جديد بنيادن تي نئين سر جوڙجڪ، بجلي چوري جي مڪمل خاتمي لاءِ سمارٽ ميٽرز هڻڻ ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروا??ي جي حڪمن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ معاهدن جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غيرقانوني سرگرمين جي دائري جي خلاف قدمن جي حوالي سان اجلاس ٿي?? جنهن ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، چيف آف آرمي اسٽاف، صوبائي وڏن وزيرن ۽ اعليٰ سطحي جي عم??دارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ڏوهاري مافيا ۽ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف قدم هئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ڏوهاري مافيا، اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، مني لانڊرنگ، بجلي چوري ۽ غيرقانوني پرڏيهين جي وطن واپسي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن انهن قدمن جي پاڪستان جي عوام جي بهتري، اقتصادي ۽ فلاحي خوشحالي جي حوالي سان انهن قدمن جي مثبت اثرن کي ساراهيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن اسمگلرن، ذخيره اندوزن ۽ مارڪيٽ اجاره دارن جي خلاف ڪارروا??ي جي عزم جو ورجاءُ ڪي?? جنهن سان عام شهرين کي فوري ريليف جي فراهمي ۽ معاشي بهتري حاصل ٿي سگهي. اجلاس بجلي چوري جي خاتمي جي پاليسي، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي جديد بنيادن تي نئين سر جوڙجڪ، بجلي چوري جي مڪمل خاتمي لاءِ سمارٽ ميٽرز هڻڻ ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروا??ي جي حڪمن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ معاهدن جي منظوري ڏني. چيف آف آرمي اسٽاف اجلاس کي پاڪستان آرمي پاران ملڪ جي معاشي بحالي جي حڪومتي قدمن جي لاءِ ڀرپور معاونت جي خاطري ڪرائي. اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعظم سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي غيرقانوني سرگرمين ۽ ڏوهاري مافيا کي مقرر مدي جي اندر سزائون يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم ڀرپور انداز ۾ کڻن.