اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) 19 رڪني نئين وفاقي ڪابينا حلف کڻي و??تو. حلف برداري جي ??قر??ب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر آصف علي زرداري نئين وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کان هڪ سادي ۽ پروقار ??قر??ب ۾ حلف و??تو. وفاقي ڪابينا جي حلف برداري واري ??قر??ب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، هٿياربند فوج جي اعليٰ آفيسرن سميت اسلام آباد ?? مقرر غيرملڪي سفارتڪارن، قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا ۾ 19 وزيرن کي شامل ڪيو ويو آهي. جن ۾ خواجه محمد آصف، محمد اسحاق ڊار، عطاءُ الله تارڙ، عبدالعليم خان، احسن اقبال، سيد محسن نقوي، شيزه فاطمه خواجه، ڄ??م ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر شيخ، رياض پيرزاده، احد چيما، اويس لغاري، چوڌري سالڪ حسين ۽ محمد اورنگزيب شامل آهن.