اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن جي لاءِ قانوني تصديق جي پابندي ختم ڪرڻ آهي. اهو آرڊيننس پاڪستان ۾ شهرين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي ??هولت لاءِ جاري ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اَپاسٽِل آرڊيننس نگران وزيراعظم جي ??يڊوائيس تي آئين جي ??رٽيڪل 89 (1) تحت جاري ڪيو آهي. ان جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن بابت 1961ع جي هيگ ڪنوينشن تحت پاڪستان جون ذميواريون پوريون ڪرڻ آهي. ڪنوينشن ٻاهرئين ملڪ عوامي دستاويزن جي ??ستعمال لاءِ قانوني تصديق/ توثيق ۾ ڇوٽ فراهم ڪري ٿو. وفاقي ڪابينا مارچ 2022ع ۾ اَپاسٽِل ڪنوينشن سان پاڪستان جي ??لحاق جي منظوري ڏني هئي. اپاسٽل ڪنوينشن مارچ 2023ع کان پاڪستان جي لاءِ لاڳو ٿيو هو.