اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ڊاڪٽر هذال حمود العتيبي ??عل??م ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن سميت معياري ??عل??م کي هٿي ڏيڻ ۽ انتهاپسنديءَ جي حوصله شڪنيءَ ۾ ??عل??مي ادارن جي ڪردار تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ جامعه جي نائب صدر ايڊمنسٽريشن اينڊ فنانس ڊاڪٽر نبي بخش جماڻي پڻ موجود هو. ??عل??م واري وزير معاشري جي تعمير ۽ خدمت?? ۾ ??ونيورسٽين جي ڪردار کي ساراهيندي يونيورسٽيءَ کي وڌ کان وڌ تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته يونيورسٽيون انتهاپسنديءَ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلامي يونيورسٽي بهترين پليٽ فارم هئڻ جي ناتي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت تي ڪانفرنس منعقد ڪري. يونيورسٽيءَ جي صدر چيو ته يونيورسٽي جلد ئي وزارت جي تعاون سان ان ڪانفرنس جو شيڊول بڻائيندي. هن اهو ٻڌايو ته يونيورسٽي ايندڙ ڏينه?? ۾ ??ڪ ٻي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪندي، جنهن ۾ امام ڪعبه شر??ت ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ليگ آف اسلامڪ يونيورسٽيز جي هڪ ٻي ڪانفرنس تي ڪم پڻ جاري آهي جنهن ۾ رابطه عالم اسلامي ليگ جو سربراهه شر??ت ڪندو. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ شاندار ڀائراڻي تاريخ رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن سعودي عرب جي حڪومت جي ويزن جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. يونيورسٽي ءَجي صدر چيو ته شاگردن جي سهولت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن، فاصلاتي ??عل??م ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان يونيورسٽي جي قدمن کان آگاهه ڪيو. صدر ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو اعليٰ ??عل??م ۾ بهتريءَ لاءِ وزير جي رهنمائيءَ ۾ وزارت سان تعاون وڌائڻ لاءِ پهرين صف ۾ شامل هوندو. ڊاڪٽر هذال ٻُڌايو ته گذريل 3 سال?? ۾ ??ونيورسٽي درجابندي ۾ بامعنيٰ ترقي ڪئي آهي. يونيورسٽيءَ جي صدر وزير ??عل??م کي يونيورسٽي جي دؤري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪيو ۽ يونيورسٽيءَ جي جاري اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.