اسلام آباد- 06 آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي پي ٽي وي جي 6 ملازمن جي 2 سالن لاءِ ترقي روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اها هدايت عورت ڪئميرا مين کي ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ، غير محفوظ ۽ جارحاڻي ماحول پيدا ڪرڻ تي ڪئي وئي، ??در عورت ڪئميرا مين جي سروس مان برطرفي کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ايوان ??در جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ??در چيو ته عورت خلاف ضابطه جي پيروي کانسواءِ، ??ير ذميوارڻي طريقي سان قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي، عورت ڪئميرا مين خلاف بدتميزي ۽ توهين آم??ز جون ڪارروايون ڪيون ويون، ??در چيو ته ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ هڪ عالمي رجحان آهي، جيڪو ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ڏٺو وڃي ٿو، هراساني جو عمل مذهب، ثقافت، نسل، ذات، طبقي ۽ جاگرافيائي حدن کان مٿانهون آهي، تعليم ۽ روزگار تائين بهتر رسائي سان لکين پاڪستاني عورتون ڪم ڪري رهيون آهن، ڪيترن ئي ماڻهن کي روزاني جي بنياد تي ڪم واري هنڌ تي هراساني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ??در چيو ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ڪم جي جاءِ تي هراساني جي خاتمي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، هراساني پاڪستان جي آئين ۾ موجود بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي، آرٽيڪل 25 جنس جي بنياد تي ڪنهن قسم جي امتياز کان منع ڪري ٿو، آئين سمورن معاملن ۾ قانون جي هڪجهڙي تحفظ ۽ برابري جي ضمانت ڏي ٿو، آرٽيڪل 34 رياست کي قومي زندگي جي سمورن معاملن ۾ عورتن جي مڪمل شرڪت کي يقيني بڻائڻ جو پابند ڪري ٿو، ??در چيو ته آرٽ:ڪل 37 (سي) ۾ عورتن کي ملازمت ۽ ڪم جي شرطن جي معاملن ۾ خصوصي حيثيت ڏني وئي آهي، هراساني کان پاڪ ماحول اعليٰ پيداواري صلاحيت، بهتر ڪارڪردگي جو سبب بڻجي ٿو، هراساني ڪم ڪندڙ عورتن کي درپيش سڀ کان وڏين رڪاوٽن مان هڪ آهي، ??در پي ٽي وي ، عبدالرشيد، ضياءُ الرحمان، مقبول شاهه، محمد نور ۽ ڪنول مسعود طرفان داخل اپيل رد ڪري ڇڏي، حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب عورت کي چارج سيٽ ڪرڻ، معطلي جي حڪمن، بدلي ڪرڻ ۽ ترقي روڪڻ ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ڏني هئي، ??در ملوث ملازمن تي محتسب جي طرفان لڳايل ڏنڊ جي سزا ختم ڪري، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شڪايت ڪندڙ شڪايت ڪئي ته پي ٽي وي ۾ ملازمن مٿس حملو ڪيو، جواب ڏيندڙن حمايت ڪئي، ڪيس ۾ جوابدارن تي جنسي هراساني جا الزام ثابت نه ٿيا هئا، تنهن ڪري محتسب ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ جهڙيون ڪارروايون ڪرڻ تي سزا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڏنو، جنسي هراساني ثابت نه ٿيڻ تي ??در 5 جنوري 2018ع تي محتسب جي فيصلي کي رد ڪيو هو، ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عورت ڪئميرا مين ۽ اٽارني جنرل طرفان داخل ڪيل سول روينيو پٽيشنز کي منظور ڪري ورتو. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻن فيصلن کي رد ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ معاملو ??در مملڪت کي ٻيهر نئين سر فيصلي ڪرڻ لاءِ واپس موڪليو هو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لفظ ”هراساني“ جي تشريح ڪئي هئي، هراساني لاءِ ٻه شيون هونديون آهن، جنسي هراساني ۽ ڪم لاءِ غير محفوظ، مخالف يا جارحاڻو ماحول پيدا ڪرڻ، ڪيس جو حقيقتون جنسي مطالبن جي نوعيت جي دائري ۾ نٿيون اچن پر مخالفاڻي يا جارحاڻي ڪم جي ماحول جي دائري ۾ اچن ٿيون، بعد ۾ ??در جون ۽ جولاءِ 2023ع ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ??در سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ معاملي جو نئين سري سان فيصلو ڪيو، ??در چيو ته ”هراساني“ جي اصطلاح کي صرف جنسي نه پر غير محفوظ، مخالف يا جارحاڻو ماحول پيدا ڪرڻ جي پاسن کان به جاچڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ڪو مالڪ عورتن لاءِ غير محفوظ ماحول پيدا ڪري ٿو ته اها هراساني جي تعريف ۾ اچي ٿو، ??در چيو ته هراساني جي اصطلاح کي ڪم لاءِ غير محفوظ، مخالفڻي يا جارحاڻي ماحول جي روشني ۾ ڌار پڙهڻ گهرجي نه رڳو جنسي مطالبي جي روشني ۾. ??در محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ فيصلي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون، پي ٽي وي هراساني بابت پروٽوڪول بهتر بڻائي، پي ٽي وي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي به مستقبل ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين، ??در هدايت ڪئي ته هراسيت جي روڪٿام پروٽوڪول کي نظرثاني ۽ ان تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، پي ٽي وي حڪم کي ٽن ڏينهن اندر لاڳو ڪري، پروٽوڪول تي رپورٽ محتسب کي جمع ڪرائي.