اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته يونان ٻيڙيءَ سانحي ۾ فوت ??يندڙ 15 پاڪستانين جا مڙهه پاڪستان پهچي ويا آهن جيڪي گجرات، گوجرانوالا، منڊي بهاءُ الدين، راولپنڊي، شيخوپوره، وهاڙي ۽ ميرپور آزاد ڪشمير جي ضلعن ۾ انهن جي گهرڀاتين جي حوالي ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن چيو ته يونان ۾ پاڪستان جي مشن ميتن جي ڳولا ۽ انهن کي پاڪستان پهچائڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته يوناني عملدارن اهو به ٻڌايو ته ان??ن ملندڙ مڙهن جي ڊي اين اي ميچنگ جو ??مل مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ان واقعي ۾ فوت ??يندڙن ۾ ڪنهن ٻئي پاڪستاني جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.