پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سائفر لهرائڻ وارو اڄ سائفر تي جاچ روڪرائڻ تي بضد آهي، عدالتن ۾ درخواستون ڏنيون پيون وڃن ته ممنوعه فنڊنگ جي ڪيس ۾ ٽرائل روڪيو وڃي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندڙ قوم جو ڏوهاري آهي، پاڪستان جي عوام ان کي ووٽ پاڪستان کي ??اڙڻ جي لاءِ نه پاڪستان کي ??عمير ڪرڻ جي لاءِ ڏنو هو، ملڪ ڪنهن سياسي عدم استحڪام کي ??رداشت نه ٿو ڪري سگهي، اتحادي پارٽين پاڪستان جي عوام کي ??يليف ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪيو، اتحادين جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو اختلاف نه آهي، ايندڙ وزيراعظم اهو هوندو جنهن کي پاڪستان جي عوام ووٽ ڏيندي. اها ڳالهه هن وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام سان گڏ پشاور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي نگران صوبائي وزير هارون شاهه، اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پي آئي او مبشر حسن ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻو وزيراعظم چوندو هو ته روئڻو نه آهي، گهٻرائڻو نه آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف چوي ٿو ته سمهڻو نه آهي، رڳو ڪم، ڪم ۽ ڪم. هن چيو ته 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت کي ??اڙيوويو، ان جا سمورا آرڪائيوز سڙي ويا، وزيراعظم جي هدايت تي هنگامي بنيادن تي ريڊيو پاڪستان جي عمارت جي رنگ روغ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام جي پراڻي خواهش تي پي ٽي وي نيشنل جي نشريات جي وقت کي پڻ وڌايو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي علائقائي زبانن ۾ نشريات کي 24 ڪلاڪن جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. سيٽلائيٽ جي ذريعي سڄي دنيا ۾ اها نشريات ڏسي سگهبي ته جيئن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني خاص طور تي خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ ماڻهو پي ٽي وي جي اسڪرين تي نشريات ڏسي سگهن. هن چيو ته ان نشريات سان آرٽسٽن ۽ پروڊيوسرن سميت صحافين کي ??ه موقعا ملندا، اهي پي ٽي وي جي اسڪرين جي ذري??ي پاڪستان جي عوام تائين پنهنجي ڪلچر ۽ موقف کي پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام کي ??ن نشريات جي شروعات تي مبارڪباد ڏيان ٿي، ان کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان، پي ٽي وي انتظاميا ۽ اطلاعات واري وزارت جي ٽيم جي پڻ ٿورائتي آهيان. هن چيو ته پي ٽي وي جي اسڪرين جا دروازا سمورن صحافين جي لاءِ کليل آهن. توهان اتي وڃي پنهنجو موقف بيان ڪري سگهو ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل چئن سالن دوران اڳوڻي حڪومت خيبرپختونخواهه جي عوام سان وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون هيون، ان کي ??وئيٽزرلينڊ ٺاهن جو واعدو ڪيو ويو پر چار سال هن پنهنجي حڪومت جي دوران پشاور ۾ احتساب ڪميشن کي ??الو لڳائي رکيو. ٻين تي چوري جا الزام هنيا ۽ پاڻ چور نڪتو، يونيورسٽيون ۽ اسپتال ٺاهڻيون هيون، هڪ اسپتال ۾ ڪمري تائين نه ٺاهي سگهيا. هن چيو ته بي آر ٽي پشاور ڪرپشن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان منع نامو ورتو ويو ۽ ان ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جي انويسٽي گيشن نه ٿيڻ ڏني. هن چيو ته پي ٽي آءِ هتي ساڍا ٽي سئو ڊيم ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو پر عوام کي ڊيم فول بڻائي هليا ويا. هن چيو ته 9 مئي تي هتي اسڪول ساڙيا، اسپتالون ساڙيون، شهيدن جي يادگارن کي ??اڙيو، انهن جي بي حرمتي ڪئي، پاڪستان جي عوام انهن کي پاڪستان کي ??اڙڻ جي لاءِ ووٽ نه ڏنو هو، پاڪستان کي ??عمير ڪرڻ جي لاءِ ووٽ ڏنو هو. هن چيو ته فارن ايجنٽ پڇي ٿو ته 9 مئي جي واقعن جو فائدو ڪنهن کي ٿيو، 9 مئي جو فائدو رڳو پاڪستان جي دشمن کي ٿيو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي کي ??اڙيندڙن ريديو پاڪستان تي حملو ڪيو، ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي ??اڙيو، اتي بيٺل گاڏين کي ??اهه ڏني، آرڪائيوز کي ??اڙيو. هن چيو ته مون ريڊيو پاڪستان جي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته عمارت جي داخلي رستي تي ريڊيو پاڪستان تي حملي جا تفصيل لڳايا وڃن ته جيئن سدائين اها ڳالهه ياد رهي ته ڪهڙي طرح ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪيو ويو هو. هن چيو ته هڪ شخص هر وقت ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه جي ذريعي سازش ۾ مصروف رهي ٿو، بي اعتمادي رٿ اچي ته هن سائفر لهرايو ۽ چيو ته امپورٽيڊ حڪومت اچي وئي آهي. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي ذري??ي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي پارليامينٽ تان هٽائي ٻاهر اڇلايو ويو. هن سائفر لهرائي ڪوڙ ڳالهايو ۽ پوءِ اها سازش باجوه صاحب کان ٿيندي محسن نقوي تي ختم ٿي. اڄ اهو ئي شخص سائفر تي جاچ روڪڻ جي لاءِ بضد آهي. اڄ عدالتن ۾ درخواستون ڏنيون پيون وڃن ته ممنوعه فنڊنگ جي ڪيس ۾ ٽرائل کي ??وڪيو وڃي، هي شخص چوي ٿو ته 190 ملين پائونڊ جي ان کي ??بر نه آهي ته لفافي ۾ ڇا هو، توشه خانه جي چوري تي هن چيو ته جاچ نه ٿيڻ گهرجي، ان کي ??وڪيو وڃي، منهنجي ايم ايس کي ??بر هوندي ته تحفا ڪٿان آيا. تحفا هن ورتا، هن وڪرو ڪيا ايم ايس کان ڇو پڇون. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي خلاف سمورن ڪيسز ۾ جواب ڏنا. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي، اسان وٽ جواب هو، اسان بالٽي، دٻي ۽ فراسيءَ جو سهارو ڪڏهن نه ورتو، اسان عدالتن کان ڪڏهن به ڀڳاسين. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ صحافت تي پابنديون هنيون ويون، صحافين جون پاسراٽيون ٽوڙيون ويون، انهن کي ??غوا ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافي اعظم چوڌري جي حوالي سان ميڊيا ۾ هڪ خبر شايع ٿي ته وزيراعظم جي آءِ ايم ايف جي حوالي سان گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندڙ پريس ڪانفرنس ۾ سوال ڪرڻ تي اعظم چوڌري کي پي ٽي وي جي نوڪري تان هٽايو ويو آهي. منهنجي ميڊيا کي گذارش آهي ته اهڙي قسم جي خبرن کي ??ايع ڪرڻ کان اڳ ٻئي جو موقف ضرور وٺن. ٻئي جو موقف وٺڻ کانپوءِ ئي خبر مڪمل ٿئي ٿي ان کانسواءِ مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن هوندي آهي ۽ اهو فيڪ نيوز جي زمري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته اعظم چوڌري پي ٽي وي جو ملازم نه آهي ۽ نه ڪڏهن ملازم رهيو آهي. هو پي ٽي وي جي ايشو بيسڊ تجزيه ڪارن جي پول جو حصو آهي ۽ اڃا به آهي، ان وٽ پي ٽي وي جو ڪو ڪانٽريڪٽ نه آهي. هن چيو ته منهنجي اعظم چوڌري سان لاهور ۾ تازو ئي ملاقات به ٿي، ان کي وزيراعظم جي پريس ڪانفرنس تي گهرايو ويو، ان کي ??وال ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو، اسان اهي وزيراعظم ۽ حڪومت نه آهيون جتي فهرست ڇپجندي هجي ته ڪهڙي ص??افي سان ڳالهه ڪرڻي آهي ۽ ڪنهن سان نه، ڪنهن کي گهرائڻو آهي ۽ ڪنهن کي نه. هن چيو ته صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو سهارو وٺي مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن پکيڙڻ جي اجا??ت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ميڊيا پريڊيٽر ويٺل هجي ته اعظم چوڌري کي گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ۾ گهرايو نه وڃي ها ۽ اطلاعات واري وزير پاران ان کي ??وال ڪرڻ جي اجا??ت نه ڏني وڃي ها. هن چيو ته اسان ڏٺو آهي ته اڳوڻي دور ۾ اڳوڻي اطلاعات واري وزير صحافين جي منهن تي چماٽ هڻندو هو، صحافين جي توهين ڪندو هو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ اسڪريننگ ڪري ص??افين کي وزيراعظم هائوس گهرايو ويندو هو، لسٽن جي اسڪريننگ ڪري وزيراعظم سان ملاقات جي اجازت ڏني ويندي هئي. هن چيو ته اعظم چوڌري منهنجي لاءِ قابل احترام صحافي آهي، ان جي راءِ ۽ خيال جيڪي مرضي هجن، هر انسان کي ??ظهار راءِ جي آزادي جو حق حاصل آهي پر ان جي آڙ ۾ ڪوڙ پکيڙڻ جي ڪو قانون اجا??ت نه ٿو ڏي. هن چيو ته اسان جي دل ايتري ننڍي نه آهي، اسان پنهنجي منصب ۽ رياستي طاقت کي ??ستعمال نه ٿا ڪريون، اسان صحافين جي عزت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، اسان ڀينرن ۽ ڌيئرن جي عزت ڪرڻ ڄاڻون ٿا. ميڊيا کي گذارش آهي ته جڏهن اها اهڙي قسم جي خبر شايع ڪري ته تصديق ضرور ڪري. پي ٽي وي اڄ تائين ڪنهن ميڊيا جو نالو وٺي ڪڏهن غلط خبر ناهي ڇاپي پر اڄ هر چينل پي ٽي وي بابت مس انفارميشن پکيڙي رهيو آهي. هن چيو ته گذريل چار سالن دوران اظهار راءِ جو گلو دٻايو ويو، هلندڙ پروگرام بند ڪيا ويندا هئا، جڏهن ڪو صحافي اسان بابت لکندو هو ته ان جو قلم ٽوڙيو ويندو هو، اسان اهو دور برداشت ڪيو آهي، اسان نه ٿا چاهيون ته اهڙو ڪو ڪم ٿئي. 9 مئي سانحي جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن جو ماسٽر مائنڊ عمران خان آهي، جيڪو شخص انهن واقعن ۾ ملوث آهي اهو پاڪستان جو دشمن آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، آئيني مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ چونڊون ٿينديون. هن چيو ته فارن ايجنٽ عوام وٽ ڇا کڻي ويندو، هو عوام وٽ 9 مئي سانحو کڻي ويندو ته مون ان ڏينهن ڀڃ ڊاهه ڪئي، 60 لک ماڻهن کي ??يروزگار ڪيو. هن چيو ته اڄ وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏئي رهيو آهي، اسان پهريون ڀيرو پاڪستان جي تهذيب ۽ ثقافت کي ??ندهه ڪرڻ جي لاءِ آرٽسٽن جي لاءِ هيلٿ انشورنس جو اعلان ڪيو. صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ نواز شريف 2013ع ۾ شروع ڪيو هو. هن چيو ته فلم فنانس فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي ته جيئن نوجوان مثبت سرگرمين ۾ مشغول ٿين. هن چيو ته ريديو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي حدن ۾ سئنيما هائوسز ٺاهيا پيا وڃن، پشاور جي اندر مشهور سئنيما گهر هئا پر گذريل 30 سالن دوران اسانجي ثقافت ۽ اسان جي انٽرٽينمينٽ انڊسٽري کي ??نگ لڳي ويو، 2017ع ۾ اسان ان جي بحالي جو سفر شروع ڪيو جيڪو جاري آهي. ريديو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي حدن ۾ سئنيما هائوسز قائم ڪيا پيا وڃن، هتي ٻارن جي لاءِ ريسرچ سيلز پڻ قائم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته 9 مئي جي واقعي ۾ ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت ۽ آرڪائيو کي ??اڙيو ويو، هاڻي اسان آرڪائيوز کي ڊيجيٽل ڪرڻ جو پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي. ان کانسواءِ پي ٽي وي جي اندر سمورن ڪانٽينٽ کي پي ٽي وي فلڪس ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي. پي ٽي وي فلڪس ايپلي ڪيشن سمارٽ موبائيل فونز تي ميسر آهي جنهن ۾ پي ٽي وي جو سمورو مواد شامل آهي. هن چيو ته اسان ملڪ مان نفرتون ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، ملڪ مان عدم برداشت کي مٽائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 2013ع ۾ نوجوانن جي لاءِ يوٿ پروگرام شروع ڪيو ويو هو. هن چيو ته وزيراعظم اقتصادي بحالي جو پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن اسان کي قرضن جي لاءِ هٿ نه ڦهلائڻو پوي. هن چيو ته 2016ع ۾ اسان آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪري ورتو هو پر گذريل حڪومت پنهنجي نااهلي جي ڪري آءِ ايم ايف پروگرام کي ٻيهر زندهه ڪيو ۽ پوءِ ان جي خلاف ورزي ڪندي ان کي معطل ڪري ڇڏيو، اسان ان پروگرام کي ٻيهر بحال ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجي معيشت جو دارومدار آءِ ايم ايف پروگرام تي نه رکنداسين. اسان اقتصادي بحالي طرف وينداسين جنهن جو بنياد ناوز شريف 2013ع ۾ رکيو هو. اسان انهي عزم سان پاڪستان جي عوام وٽ وينداسين. هن چي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي عوام جي خدمت جو سفر جاري رکندي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل چار سال جتي منصوبن کي ??باهه ڪيو ويو، اتي ص??افت جو گلو پڻ دٻايو ويو، صحافين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ حربا اختيار ڪيا ويا ۽ جيڪي ڪنٽرول نه ٿيا انهن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو. هن چيو ته بي آءِ ايس پي ۽ ليپ ٽاپ اسڪيم جي اندر صحافي برادري کي ڪهڙي طرح شامل ڪري سگهجي ٿو، ان تي هو وزيراعظم سان ڳالهه ڪندي. مريم اورنگزيب هڪ سوال تي چيو ته اعظم چوڌري پي ٽي وي جو ملازم نه آهي، جيڪڏهن ان وٽ پي ٽي وي جو ڪو ليٽر آهي جنهن ۾ ان کي ??رطرف ڪيو ويو هجي، اهو ميڊيا آڏو پيش ڪري. هن چيو ته اعظم چوڌري اڄ به پي ٽي وي جي تجزيه ڪارن جي پول جو حصو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريديو پاڪستان جي ملازمن جي لاءِ پينشن کي ??جيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن هر ٽن مهينن کانپوءِ انهن کي ??ستن تي نه اچڻو پوي. گذريل دورن ۾ اسان ريڊيو ۽ پي ٽي وي جي بلڊنگز کي وڪرو ڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين، اهي عمارتون ملڪ جو اثاثو هونديون آهن، انهن جي نيلامي عزت جو سبب ناهي هوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل 15 مهينن دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ اتحادين پنهنجو سمورو ڌيان معيشت جي بحالي ۽ عوام جي بهتري تي ڏنو. هن چيو ته ملڪ ڪنهن به قسم جي سياسي عدم استحڪام کي ??رداشت نه ٿو ڪري سگهي، اتحادي پارٽين تمام گهڻي ذهانت ۽ صبر سان پاڪستان جي عوام کي ??يليف ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪيو. هن چيو ته اتحادين جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو اختلاف نه آهي. ڪالهه شام به مولانا فضل الرحمان جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي آهي. هن چيو ته هڪ ٽولو سازش ۽ فساد پکيڙڻ ۾ مصروف آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳيون وزيراعظم اهو هوندو جنهن کي پاڪستان جي عوام ووٽ ڏيندي. هن چيو ته پي ڊي ايم سياسي پارٽين جو اتحاد آهي، اها پي ڊي ايم جي ڪاميابي هئي جنهن آئيني طريقي سان بي اعتمادي رٿ ذريعي هڪ نااهل وزيراعظم کي ??ن جي ڪرسيءَ تان هٽايو. ان کانپوءِ حڪومت آئي جنهن پاڪستان جي عوام جي لاءِ ڪم ڪيو. هن چيو ته پي ڊي ايم اهڙي طرح جاري رهندي، اليڪشن ۾ هر پارٽي پنهنجو منشور کڻي عوام وٽ ويندي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته جيڪي ماڻهو نواز شريف تي ڪوڙا الزام هڻندا هئا اڄ اهي ان جون سـٺايون بيان ڪري رهيا آهن. گذريل دور ۾ شهزاد اڪبر نواز شريف تي الزام هنيا ۽ اڄ چئي رهيو آهي ته نواز شريف تمام سٺو ماڻهو آهي، ملڪ کي ??باهه باجوه صاحب ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو قائد نواز جلد پاڪستان ايندو ۽ اليڪشن ۾ پنهنجي پارٽي جي قيادت ڪندو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ڀيري جڏهن نواز شريف وزيراعظم هو ته يارهون ويڄ بورڊ آيو ۽ اهو ئي اهو ويج بورڊ آهي جيڪو توهان جي حقن کي يقيني بڻائي ٿو. هن چيو ته آءِ ٽي اين اي 9 مهينن دوران 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪيا ۽ 7 کان 8 مهينن کان پگهارن کان محروم ملازمن کي ??يڪوري جي رقم ادا ڪئي وئي. هن چيو ته پيمرا جو قانون به بدلايو پيو وڃي، ان ۾ مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن کي ??امل ڪيو پيو وڃي. پيمرا جي اٿارٽي ۾ پي ايف يو جي ۽ صحافين کي ??ه نمائندگي ڏني وئي آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جو مقصد سياسي انتقام وٺڻ نه آهي، جيڪڏهن اسان کي ??ياسي انتقام وٺڻو هجي ها ته جڏهن شهباز شريف 12 اپريل تي اقتدار سنڀاليو ته 13 اپريل تي عمران خان جيل جي سلاخن جي پٺيان هجي ها ڇو ته اسان وٽ رياستي طاقت به هئي ۽ نيب جو قانون به موجود هو. هن چيو ته شهباز شريف عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي، ان جي لاءِ عمران ڪا اهميت نه ٿو رکي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آر ٽي ايس ويهاري 2018ع ۾ هڪ نالائق ۽ نااهل کي ??قتدار ۾ آندو ويو جنهن ٻنهي هٿن سان ملڪ کي ڦريو. هن چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائي پاڪستان جي عوام جي ووٽ کي ??زت ڏينداسين. آخر ۾ پشاور پريس ڪلب جي ص??ر ارشد عزيز ملڪ اطلاعات واري وفاقي وزير کي ??يلڊ پيش ڪئي.