ڪراچي – 20 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تجديد عهد ڪيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ برابري جي فروغ جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي تي سختي سان ڪاربند رهنداسين. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ان جي 70 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پ??ش ڪندي چيو آهي ته پُورب ڄائي ڪالهه به اونداهين ۾ گهيريل قوم جي لاءِ روشني جو ڪرڻو هئي ۽ اڄ به م??ڪل حالتن ۾ ان جي سوچ ۽ فلسفو ملڪ جي لاءِ رهنمائي آهي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ڪري ملڪ ۾ بي قابو ٿيندڙ مهانگائي ۽ بير??زگ??ري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوام دوست فلسفي جي پيروي ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته م??ضي ۾ به پاڪستان کي ڪيترائي ڀيرا مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، پر عوام کي سدائين اهو يقين هوندو هو ته ڀلي حالتون ڪيتريون ئي ڏکيون ڇو نه هجن، ”بينظير ايندي، ر??زگ??ر آڻيندي. آئون يقين ڏاريان ٿو ته جيڪڏهن عوام ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي مينڊيٽ ڏنو، ته عوامي حڪومت به ملڪ ۾ ر??زگ??ر آڻيندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ تاريخ ساز سخصيت ۽ انسان دوست تحريڪ جو نالو آهي. اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو ٻوٽو پروان چڙهڻ، حقيقت ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڊگهي ۽ اڻٿڪ جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. قائد عوام جي شهادت کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت کي بچائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اهم ڪردار رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پ??ش ڪرڻ جو بهترين نمونو ان جي سوچ ۽ فلسفي جي پيروي ڪرڻ ۽ پاڻ کي ان جي اڻ مڪمل مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ آهي. محترمه بينظير ڀٽو جو مشن اهو آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي ۽ جمهوري ادارا مضبوط ٿين، ملڪ مان غربت جو خاتمو ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ آهي جتي رواداري، برابري ۽ هم آهنگي جو مان مٿاهُون هجي. وقت اچي ويو آهي ته اسان مان هر هڪ محب وطن پاڪستاني ملڪ جي ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ سربلندي جي لاءِ بينظير جي ويزن جو عزم ڪري.