حيدرآباد- 15 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته سامونڊي طوفان سبب پيدا ٿيل صورتحال جو لاڳيتو جائزو وٺي رهيا آهيون، وزيراعظم شهباز شريف جي ??ڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبا بندي تيار ڪئ?? آهي، ڪوشش آهي ته بجلي جي فراهمي بنا رڪاوٽ برقرا رهي. هو حيدرآباد ۾ حيسڪو پاور ونگ ڪانفرنس هال ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي حيسڪو چيف مظفر عباسي ۽ ٻيا به موجود هئا. هن چيو ته تيز طوفاني هوائن سان ننڍا ننڍا نقصان ٿيا آهن جڏهن ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي سبب بجليءَ جي نظام ۾ ڪوبه وڏو خلل نه آيو، پر آر ايل اين اين جي گيس جي فراهمي متاثر ???? آهي، هاڻي گيس به وٺي ڇڏ?? آهي. هن چيو ته جهمپير ۾ 8 پول تيز هوائن سبب ڪِري پيا، انهن تي ڪم جار?? آهي. سجاول، لاڏيون گرڊ اسٽيشن متاثر ??يو آهي، اڄ تائين اهي به بحال ٿي ويندا، جتي جتي ضرورت پئي اين ٽي ڊي سي ۽ ڊسٽري بيوشن عملو گُهرايو پيو وڃي. ملتان ۽ فيصل آباد مان 2 هزار ماڻهو پهچي رهيا آهن، حيسڪو به هڪ منصوبو ٺاهيو آهي. هن چيو ته توانائي واري وزارت قومي جذبي سان ڪم ڪري ره?? آهي، بائپر جواءِ تي قومي تاثر اچي رهيا آهن، سڀئي ان کي مُنهن ڏيڻ ۾ تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي ??ڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبا بندي تيار ڪئ?? آهي. هن چيو ته برسات ۽ طوفان سبب بجلي جي معمول جي فراهمي ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جيڪڏهن ٿي ره?? آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته حيسڪو جي نقصان تمام گهڻو آهي ان لاءِ ضابطي تحت لوڊشيڊنگ ٿي ره?? آهي. هن چيو ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ بجلي جي فراهمي جلد بحال ڪئي ويندي. حيسڪو جي 12 ٽرانسميشن ۽ 90 فيڊرز آهن جن تي طوفان سان اثر ??ئجي ??گهي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي مسئلا آهن جيتوڻيڪ ڪجهه اڻٽر سببن جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ??جلي جي ??پلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته قومي پاليسيءَ تحت هر صارف کي مساوي ٽيرف ڏنو وڃي ٿو.