لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ دو??ت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل ??يٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب ملاقات دو??ت مشترڪه جي نئين سربراهه ڪنگ چارلس ٽي جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ لنڊن ۾ منعقد دو??ت مشترڪه جي اڳواڻن جي تقريب جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر م??ڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن تنظيم کي ماحولياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي ڪردار کي وڌائڻ جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڏهين ڪامن ويلٿ وزارتي اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري ملتوي ڪيو ويو هو، ٻوڏ سان پاڪستان جي معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو هو. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي باضابطا دوري جي پڻ دعوت ڏني. دو??ت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.