اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالله کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بلاو?? ڀٽو زرداري پڻ ايراني عوام کي مبارڪباد ڏني. پنهنجي ايراني هم منصب سان ڳالهائيندي بلاو?? ڀٽو چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي سان خطي جي ت??قي ۽ استحڪام ۾ مدد ملندي، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن جي آجيان ڪري ٿو.