اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) پا??ستان 29 ۽ 30 مارچ تي جمهوريت بابت ٻي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي آمريڪا ۽ ٻين شريڪ ميزبان ملڪن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته هڪ متحرڪ جمهوريت طور پا??ستان جي عوام جمهوري قدرن سان گ??ري وابستگي رکي ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ??ين??ي چيو ويو آهي ته پا??ستانين جي نسلن وقت بوقت جمهوريت، انساني حقن ۽ بنيادي آزادين بابت پنهنجي اعتماد کي برقرار رکيو آهي، هلندڙ مهيني قوم 1973ع جي آئين جي 50 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي جيڪا پا??ستان ۾ جمهوري سياست جو سرچشمو آهي. ترجمان چيو ته اسان آمريڪا سان پنهنجي دوستي جو قدر ڪريون ٿا، بائيڊن انتظاميا د??ران اسان جا گڏيل لاڳاپا ڪافي حد تائين وسيع ۽ وڌيا آهن، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پا??ستان ان سمٽ جي عمل جو حصو ناهي رهيو جيڪو 2021ع ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ ملڪن سان ڪجهه قومي واعدا ڪرڻ جي ضرورت هئي. ترجمان وڌيڪ چيو ته سربراهي اجلاس جو عمل هاڻي هڪ اعليٰ درجي جي مرحلي تي آهي، ان لاءِ پا??ستان جمهوري اصولن ۽ قدرن کي فروغ ڏيڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ انساني حقن ۽ بدعنواني جي خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ سربراهي اجلاس جي شريڪ ميزبانن سان ٻطرف?? تعاون ڪندو.