اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي م??ڻهن کي م??اشري جو فعال ميمبر بڻائڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ زندگي جي سمورن شعبن خاص طور تي تعليم ۾ انهن جي لاءِ هڪ جامع موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سواءِ ڪجهه ذهني م??ضن جي م??تلف حوالن سان قابل معذور ٻارن کي ريگيولر اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ کانسواءِ انهن کي انهن جي صلاحيت ۽ مهارت موجب نوڪريون ??را??م ڪرڻ گهرجن. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ 5 هين ”دماغي فالج ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي هن چيو ته جسماني ۽ ذهني طور تي م??ذور ٻارن کي م??اشري پاران سارسنڀال ۽ همدرديءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ انهن کي ٻين ٻارن وانگر قبول ڪرڻ جي لاءِ پڻ تيار رهڻ گهرجي. صدر چيو ته ڪنهن جسماني م??ذوري يا ڏسڻ يا ٻڌ?? کان محروم ماڻهن جي ذهني صلاحيت ٻين ماڻهن جي برابر هوندي آهي ۽ ان لاءِ انهن کي بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ معاشري جي تعاون جي ضرورت آهي. صدر جسماني ۽ ذهني ڪمزورين جو شڪار ماڻهن سان همدرديءَ جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ معاشري ۾ شعور بيدار ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته دماغي م??ض سان واڳيل شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته خاتون اول ثمينه علوي آگاهي مهم جي ذريعي عوامي جاين تي خصوصي م??ڻهن جي لاءِ سهولتن جي ??را??مي سميت انهن جي ڀلائي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجي بهترين ڪوشش ڪئي آهي. صدر عارف علوي چيو ته علاج جي لاءِ ڊاڪٽرن جي تربيت تمام ضروري آهي، ٽيڪنالاجي جي م??د سان سٺي پيشيواراڻي تربيت سان صحت جي م??هرن کي م??تلف معذورين جي شڪار ماڻهن کي م??ڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ياد ڏياريو ته ملڪ جي ڏسڻ کان محروم سفارتڪار صائمه سليم گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي موثر نمائندگي ۽ بريل جي ذريعي تقرير ڪئي. هن غذائي کوٽ، اسٽنٽنگ ۽ ويم دوران موت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ احتياطي علاج تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ عوامي آگاهي ۽ مڊ وائيف جو ڪردار اهم آهي. هن يقين ظاهر ڪيو ته ڪانفرنس دماغي فالج بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. ان موقعي تي پاڪستان اڪيڊمي آف سيريبرل پالسي جي صدر پروفيسر جاويد اقبال چيو ته دماغي فالج هڪ هزار مان ٻن ٻارن کي م??اثر ڪري ٿو ۽ ڪيترن ئي جسماني، ذهني ۽ ٻين مسئلن جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته اڪيڊمي جو مقصد دماغي فالج جي شڪار ٻارن کي خدمتن ۽ نگهداشت ??را??م ڪرڻ ۾ مواصلات ۽ ٽيم ورڪ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بين الضابطه فورم بڻائڻ آهي. پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد نعيم ملڪ چيو ته پمز پنهنجي وجود ۾ اچڻ سان ئي م??ڻهن کي علاج جي سهولت ??را??م ڪري رهي آهي ۽ ساليانو اٽڪل 10 لک ماڻهو اسپتال ۾ علاج ڪرائين ٿا. ان موقعي تي دماغي فالج جي شڪار ٻارن ان مرض ۾ مبتلا هڪ ٻار جي ڳايل گيت تي ٽيبلو پيش ڪيو. صدر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ غيرملڪي نمائندن ۾ تعريفي شيلڊز ورهايون. ڪانفرنس ۾ روس، برازيل، هالينڊ، سريلنڪا، مصر ۽ گڏيل عرب امارات جي نمائندن شرڪت ڪئي.