اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪس??ان هنگري سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ هو هنگري سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپان کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنگري جي دوري جي موقعي تي پنهنجي هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، دوري دوران هنگري ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس هنگري جو دورو پاڪس??ان ۽ هنگري جي وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. پرڏيهي وزير دوري جي دعوت تي هنگري جي پنهنجي هم منصب جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ سهولتي ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪس??ان ۽ هنگري اڄ مفاهمت جي ٽن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جن مان هڪ راندين ۾ تعاون، سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون قائم ٿيندو، پاڪس??ان ۽ هنگري جي فارن سروس اڪيڊميون هڪ ٻئي جي سفارتڪارن کي تربيت فراهم ڪنديُون جڏهن ته ٽئين مفاهمتي ياداشت جو تعلق هنگري جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ دستياب اسڪالرشپس کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته هنگري جي حڪومت جو هي قدم ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته هنگري ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ اهو قدم کڻي مستقبل جي نسلن ۽ سفارتڪارن تي انويسٽ ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪس??ان ۽ هنگري جي وچ ۾ مفاهمت جي ان ياداشت جي نتيجي ۾ اسڪالرشپس جو انگ 2 سئو مان وڌائي 4 سئو ٿي ويندو. هن چيو ته هاڻي پاڪس??ان ۽ پاڪستاني شاگرد هنگري جون وڌيڪ اسڪالرشپس حاصل ڪندا ۽ اهو هڪ اشارو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ هنگري جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي پڻ فروغ ڏنو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ صحيح گڏيل مشاورت ٿي آهي جنهن سان مختلف موقعا پيدا ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته هنگري پاڪس??ان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هنگري جي سفيرن جي ساليان?? ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪيو. سفيرن ج?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي متحد ٿيڻ گهرجي ۽ تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڌرتيءَ تي موجود انسان کي ماحولياتي تبديلي جي صورت ۾ درپيش گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي سفارتڪاري ۽ امن جو رستو نه ڇڏ?? گهرجي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو هنگري اچڻ تي پاڪس??ان جي سفير آصف حسين ميمڻ ۽ هنگري جي اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران هنگري جي هم منصب سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ان کان اڳ ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪس??ان ۽ هنگري جي وچ ۾ تعاون جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير پاران هنگري جو هي پهريون سرڪاري دورو هو.