اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٺوس ۽ فعال ??ءِ ٽي ماحول جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي اعليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آهي، حڪومت ملڪ جي پوري ت??ليمي نظام جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف ايگزيڪي??ٽو آفيسر يانسي سپرول جي قيادت ۾ ??ءِ ٽي ڪمپني ڊيجيٽل اوشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ويزن جو محور ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي، ويزن ۾ ??ءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري مدعو ڪرڻ، سيڙپڪارن کي سهولتون ڏيڻ ۽ ??وج??انن جي حوصلا افزائي شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٺوس ۽ فعال ??ءِ ٽي ماحول جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي اعليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آهي، صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪرڻ ۽ پاليسين ۽ فيصلن کي ٽائيم لائين جي بنياد تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??وج??انن جي حوصلا افزائي، سيڙپڪاري جي ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ??وج??انن کي معياري ??ءِ ٽي مهارتون فراهم ڪري پاڪستان جو ??ءِ ٽي روانگي واپار بهتر بڻائي سگهجي ٿو،اسان جي ??وج??انن جو وڏو انگ اڳ ۾ ئي ??ءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته بيوروڪريسي سيڙپڪاري جي مدد ڪري، پنهنجا دروازا کليل رکي، سيڙپڪارن جي آجيان ڪري. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي پوري ت??ليمي نظام جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، گريجوئيٽس کي مارڪيٽ تي ٻڌل علم، ٽيڪنيڪ ۽ هنر فراهم ڪري نظام کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تبديل ڪيو ويندو. صدر 350 ملين ڊالر ۾ هڪ پاڪستاني ??ءِ ٽي ڪمپني حاصل ڪري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ڪمپني کي ساراهيو. هن چيو ته ڊيجيٽل اوشن کي ??وج??انن کي اعليٰ معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن، ڊيجيٽل اوشن جي سي اي او يانسي سپرول صدر کي ڊيجيٽل اوشن، ترقي جي حڪمت عملي، مستقبل جي سيڙپڪاري ۽ ڪراچي ۾ ڪاروباري ڪاٿي کي ٽيڻ تي ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. وفد خاص طور تي ڌيان جي مستحق سماجي اثرن جي شعبن ۾ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.