اسلام آباد -21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٽيليويزن جي اه??يت ج?? عالمي ڏينهن ملهايو ويو جنهن جو مقصد ماڻهن کي تفريح، تعليم، تربيت ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيليويزن جي اه??ي?? کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن ڏينهن جي حوالي سان مختلف اليڪٽرانڪ ڪمپنين طرفان پروگرام ترتيب ڏنا ويا جنهن ۾ ماڻهن کي ٽيليويزن جي اه??يت ۽ فائدن کان آگاهه ڪيو ويو. گڏيل قومن جي انتظام هيٺ جنرل اسيمبلي ڊسمبر 1996ع ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو هو جنهن مطابق سڄي دنيا ۾ هر سال 21 نومبر تي ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.