اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي ميدان خوني ميدان ??ه بڻج?? گهرجن، هي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، پن??اب پوليس، پن??اب جي انتظاميا، پن??اب جا انٽيليجنس ادارا واقعي جي جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آڻين. هن چيو ته سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي فوٽيج ڏٺي، هو زخمي ٿيو آهي، ان جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته وزيراعظم واقعي جي شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته هي واقعو پن??اب حڪومت جي حدن ۾ ٿيو آهي، ان واقعي تي قياس آرائيون نه ٿي?? گهرجن، هي حساس معاملو آهي، اهڙن واقعن تي قياس آرائين سان وڌيڪ اشتعال پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ميڊيا کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي پن??اب پوليس ۽ پن??اب حڪومت پاران ??ين??ڙ حقيقتن کي نشر ڪر?? گهرجي. هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پن??اب حڪومت، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پن??اب سان رابطي ۾ آهي، جيئن ئي ڪا تصديق ٿيل اطلاع ملي ٿي اها ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي. هن چيو ته پن??اب حڪومت جهڙي طرح جو تعاون چاهيندي، وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. اسان پن??اب حڪومت جي رپورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون.