اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي کي اهم خطاب ڪندو، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان کي درپيش چئلينج کي عالمي فورم تي اجاگر ڪري ماحولياتي تبديلي ??ان پيدا ٿيندڙ خطري کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تجويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي عالمي اڳواڻن کي ڪشمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم آفريقي يونين، يورپي يوني?? ۽ ??مريڪا پاران گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ غذائي تحفظ تي عالمي سربراهه اجلاس ۽ ڪوپ 27 تي عالمي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت پڻ ڪندو. اهي ٻئي اجلاس عالمي برادري کي درپيش ٻن اهم ترين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدمن تي غور فڪر جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ مختلف ملڪن جي وزيراعظمن، ج??رل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل کانسواءِ عالمي تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن ۽ فلاحي تنظيمن جي سربراهن ??ان ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل آجياڻي دوران عالمي اڳواڻن کي هڪ ٻئي ??ان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ وزيراعظم ??ان گڏ هوندو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ??ان ملاقات ڪندو، هو ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪ ??ان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ جي 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي جي سالياني اجلاسن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.