نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري او آءِ سي تي زور ڏنو آهي ??ه اها اسلامي دنيا ۾ امن ۽ سل??متي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو اداراجاتي فريم ورڪ ۽ طريقيڪار جوڙي، يمن کان شام تائين مسلمان دنيا اڪثر غيرملڪي مداخلت جي نتيجي ۾ تڪرارن ۽ تشدد جي لپيٽ ۾ آهي، پاڪستان ڀارت سان امن جو خواهشمند آهي، جيستائين ڪشمير جو تڪرار حل نه ٿو ٿئي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سالياني رابطا اجلاس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت سان افتتاحي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??سا?? ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل لاءِ ڀارت سان مخلصاڻي ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون جڏهن ??ه اهڙي قسم جي ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڀارت تي آهي، ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع کان شروع ڪيل هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي ملتوي ڪرڻ ??هر??ي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ ??هر??ي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير ??سا?? جو گڏيل ڪاز آهي، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جاگرافيائي، عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي لحاظ کان ڳنڍيل آهن، ڪشمير پاڪستان آهي ۽ پاڪستان ڪشمير آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت زبردستي قبضو ڪري رکيو آهي، گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل قرارداد منظور ڪئي هئي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم جي ذريعي پنهنجي مڃيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو جڏهن ته ڀارت سل??متي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن جو احترام ڪرڻ جي پنهنجي واعدي تان ڦري ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي اندروني طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا آهن، ڀارت اتي پنهنجي 9 لک فوج مقرر ڪري رکي آهي ۽ وحشت ۽ ظلمن جو بازار گرم ڪري رکيو آهي جنهن ۾ ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون ۽ حراستي قتل به شامل آهي. 15 هزار ڪشميري نوجوانن جو اغوا، انهن تي تشدد، پوري ڪشميري سياسي قيادت کي قيد ڪرڻ، ڳوٺن ۽ پاڙن کي اجتماعي سزا جي طور تي ساڙڻ جهڙا ظلم ڪيا پيا وڃن، ڏاڍ جي اها مهم هندوتوا جي نظريي ۽ مسلمانن سان نفرت جي بنياد تي هلائي وڃي ٿي. جينوسائيڊ و??چ والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪشي جي خدشن کان خبردار ڪيو آهي. هن چيو ته ٽي سال گذرڻ کانپوءِ ڀارت جي نئين آبادياتي الحاق جي مهم ڪامياب نه ٿي ۽ ڀارت ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو، الله تعاليٰ جي مرضي آهي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي ۽ خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي دليراڻي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ??ه اسلامي ملڪ دنيا کي درپيش سياسي، اقتصادي، آبهوا ۽ ٻين چئلينجز جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس ردعمل جو مظاهرو ڪرڻ ??هر??ي. هن چيو ته 1945ع ۾ اسلامي ملڪ جنگ کانپوءِ جي عالمي نظام جي جوڙجڪ ۾ پنهنجي عوام جي اهم مفادن جو اظهار، وڪالت يا دفاع ڪرڻ کان قاصر رهيا. ??سا?? مان اڪثر ملڪ گڏيل قومن جي منشور جي جوڙجڪ ۾ شامل نه هئا، ان جي نتيجي ۾ ڪو به اسلامي ملڪ ويٽو جي حقن سان سل??متي ڪائونسل جو مستقل ميمبر نه آهي. هن چيو ته ٻي سڀ کان وڏي عالمي تنظيم طور پنهنجي هر ميمبر ملڪن جي قومي سل??متي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ??هر??ي، مقصد جي لاءِ ??سا?? کي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي منشور ۾ شامل امن ۽ انصاف جي اصولن جي مستقل پابندي کي يقيني بڻائڻ ??هر??ي، ??سا?? کي اسلامي دنيا جي اندر ۽ ٻاهر سمورن تڪرارن ۾ انصاف سان امن کي فروغ ڏيڻ ??هر??ي. هن چيو ته فلسطين ??سا?? جو گڏيل ڪاز آهي ۽ ??سا?? کي اهو نه وسارڻ ??هر??ي ??ه او آءِ سي جو مقصد والاريل فلسطين جي ماڻهن جي لاءِ امن ۽ انصاف کي فروغ ڏيڻ ۽ القدس الشريف کي آزاد ڪرائڻ آهي، ??سا?? کي فلسطين ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري جي حق جو تحفظ ڪرڻ ??هر??ي، انهن جي پنهنجي رياست هجڻ ??هر??ي جنهن جي 1967ع کان اڳ جون سرحدون آهن ۽ القدس الشريف کي آزاد فلسطيني رياست جو گادي وارو شهر بڻايو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت 40 سالن کانپوءِ افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سل??متي جي بحالي جو حقيقي موقعو آهي. اڄ ڪا گهرو ويڙهه نه آهي، هڪ حڪومت پوري ملڪ کي ڪنٽرول ڪري ٿي. هن چيو ته ??سا?? کي ان اڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ ??هر??ي ۽ انهن قوتن کي روڪڻ ??هر??ي جيڪي تڪرارن کي بحال ڪرڻ، وڌيڪ پناهگيرن کي پيدا ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خطري ۾ شدت آڻڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان گڏجي 19 ڊسمبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 71 هون غيرمعمولي اجلاس ??هر??يو هو، ??سا?? گڏجي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ??ه او آءِ سي افغانستان جي ماڻهن جي مدد ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي ضرور ادا ڪرڻ ??هر??ي، ??سا?? او آءِ سي هيومينٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو خصوصي ايلچي مقرر ڪرڻ، افغانستان جي لاءِ فوڊ سيڪيورٽي پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ڪابل ۾ او آءِ سي جي مشن کي سگهه ڏيڻ به شامل آهي. هن چيو ته ??سا?? کي افغانستان ۾ امن جي بحالي، اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي بحال ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدمن تي ڌيان ڏيڻ ??هر??ي، افغانستانجي انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو ڪابل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه آهي، افغان عملدارن کي او آءِ سي تي ڪنهن به ٻي عالمي تنظيم کان وڌيڪ اعمتاد اهي، او آءِ سي جي عالم سڳورن جي وفد ڪابل جو دورو ڪيو ۽ اتان جي عملدارن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ??سا?? جي رضامندي ۽ سعودي عرب جي حمايت سان ??سا?? خصوصي ايلچي جي آفيس کي هلائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. انهن سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي آهي ۽ علائقائي ۽ ٻين ملڪن جو دورو ڪيو آهي، آئون ان جي رپورٽس ملڻ جو منتظر آهيان. هن اسلامي دنيا جي اندر ڪيترن ئي حل طلب تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، يمن کان شام تائين مسلمان دنيا اڪثر غيرملڪي مداخلت جي نتيجي ۾ تڪرارن ۽ تشدد جي لپيٽ ۾ آهي، اڄ جا 70 سيڪڙو کان وڌيڪ عالمي تڪرار ۽ سيڪيورٽي چئلينجز او آءِ سي ملڪن جي اندر آهن. بلاول ڀٽو زرداري او آءِ سي تي زور ڏنو ??ه اها اسلامي دنيا ۾ امن ۽ سل??متي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي اداراجاتي فريمورڪ ۽ طريقيڪار جوڙي، اهو ضروري آهي ته ??سا?? ان ڳالهه جي نشاندهي ڪريون ??ه او آءِ سي ڪهڙي طرح مسلمان دنيا جي اندر ۽ ٻاهر تڪرارن جي روڪٿام، ثالثي، مفاهمت ۽ امن جي تعمير کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري اوزارن سان ليس ڪري سگهي ٿي. هن او آءِ سي جي امن ۽ سل??متي جي ڍانچي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ تي ڳالهائيندي خوشي جو اظهار ڪيو جيئن ??ه اسلام آباد پڌرنامي ۾ چيو ويو هو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موجوده اجلاس دوران او آءِ سي ملڪن کي ٻين اسرندڙ ملڪن سان گڏجي ڪوويڊ 19 وبائي مرض کان بحالي تائين جي ٽيڻ چئلينج، ايس ڊي جيز جي ڪاميابي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ ??هر??ي، جيئن ته پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ انتهائي المناڪ صورتحال سامهون آئي آهي، موسمياتي تبديلي انسانيت جي وجود جي لاءِ خطرو آهي، ??سا?? اسلامي دنيا ۾ پنهنجي سمورن ڀائرن ۽ ڀينرن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراخدلاڻي مدد ڪئي، پاڪستان پنهنجي عوام جي بهادري جي ڪري مضبوط ۽ بهتر ٿي اڀرندو. هن چيو ??ه اهو خوش آئنده آهي ته ??سا?? جو او آءِ سي جو ميمبر ملڪ مصر ساليانو موسمياتي ڳالهه ٻولهه جو ميزبان آهي ۽ ايندڙ سال ان حوالي سان ڪوششن جي قيادت ڪندو، پاڪستان ان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. هن يقين ظاهر ڪيو ته ڪوپ 27 سياسي عزم جي تجديد ڪندو ۽ 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جنهن جو موسمياتي سيڙپڪاري جي لاءِ واعدو ڪيو هو، کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ذريعن کي استعمال ۾ آڻيندو.